واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)وائيٽ هائوس، آمريڪي صدر جي سرڪاري رهائشگاهه ۽ آفيس مان ڪوڪين جي دريافت جي جاچ جاري آهي.ان حوالي سان وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪرن جين پيئر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترائي ماڻهو اچن ٿا جتان ڪوڪين ملي ٿي.ان موقعي تي ترجمان کان پڇيو ويو ته ڇا جاچ جي حصي طور ڊرگ ٽيسٽ ڪرايو ويو آهي؟ان سوال جي جواب ۾ ڪرين جين پيئر چيو ته اسان هر اهو قدم کڻنداسين جيڪو مناسب ۽ وارنٽي هوندو.هن چيو ته ڳجهي اداري معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي.
