ڪراچي(اسٽاف رپوٽر)گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس عام چونڊون عدالتي ججز جي نگراني ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت بابت وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي،گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس عام چونڊون عدالتي ججز جي نگراني ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،پير صدرالدين شاهه راشدي جي صدارت هيٺ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڊاڪٽر فهميدا مرزا، ڊاڪٽر صفدر عباسي، زين شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي اڳواڻن اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حليم عادل شيخ اپوزيشن ليڊر طور غير فعال بڻيل آهي، نئين اپوزيشن ليڊر جي مقرري بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ صفدر عباسي ۽ سردار رحيم تي ٻڌل 2 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، اڳواڻن چيو ته شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ ضروري آهي ته نگران حڪومت آزاد ۽ خودمختيار هجي، اليڪشن جي لاءِ عدالتي ججز کي آر او ۽ ڊي آر او مقرر ڪيو وڃي،زين شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت اسان جي هوندي، پيپلز پارٽي سنڌ کي برباد ڪيو آهي، عوام اسان جو ساٿ ڏي
