جوتي واري معاملي تي اسپيڪر کان معافي نه وٺندس، شاهد خاقان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت جي نا اهلي سبب شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ کنڊ نه پئي ملي، وزير اعظم ۽ وزيرن خلاف نيب ڪيس ٺاهي کين جيل ۾ بند ڪرڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جوتو هڻڻ واري ڳالهه تي اسپيڪر اسد قيصر يا ڪنهن ٻئي کان معافي نه وٺندس، حڪمرانن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.  ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسپيڪر اسد قيصر کيس نوٽيس ڏنو هو ته هو غيرپارليماني ٻولي ڳالهائن تي معافي وٺي نه ته سندس خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. شاهد خاقان عباسي ناموس رسالت واري معاملي تي فرانس جي سفير جي ملڪ نيڪالي بابت پيش ڪيل ٺهراءَ تي ڳالهائڻ چاهي پيو پر کيس اسپيڪر اجازت نه ڏني ته هو ڊائيس اڳيان اچي اسپيڪر کي چيو ته اجازت ڏيو نه ته جوتو اوهان کي هڻندس. هواڏانهن نيب شاهد خاقان عباسي کي غير قانوني ڀرتي ڪيس ۾ جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو