جوئارين پاران صحافي تي حملي خلاف قلم ڌڻين جو احتجاج

ڪوٽ لالو (باغ علي ) درياخان مري جي صحافي ارباب مري تي حملو ڪندڙ  بااثرن خلاف آزاد ابراهيم راڄپر خالق مري غلام رسول  وريل خاصخيلي  شير مري امان الله   ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته  اڄ صبح  وچ شهر ۾ جوا جا اڏا هلائيندڙ  8 جوابدارن بنا جواز  قلم ڌڻي  ارباب مري تي  حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو آهي هنن وڌيڪ چيو ته صحافين تي دهشتگردي جا ڪيس ٿيڻ ۽  سري عام حملا روز جو معمول بڻجي ويا آهن هنن چيو ته سنڌ ۾ قلم ڌڻي  غير محفوظ بڻجي  ويا آهن. هنن مطالبو  ڪيو ته ارباب مري تي حملو ڪندڙ جوابدارن  خلاف ڪاروائي ڪري سخت سزا ڏني  وڃي  ۽ سنڌ ۾ صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو