ڪوٽ لالو (باغ علي ) درياخان مري جي صحافي ارباب مري تي حملو ڪندڙ بااثرن خلاف آزاد ابراهيم راڄپر خالق مري غلام رسول وريل خاصخيلي شير مري امان الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته اڄ صبح وچ شهر ۾ جوا جا اڏا هلائيندڙ 8 جوابدارن بنا جواز قلم ڌڻي ارباب مري تي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو آهي هنن وڌيڪ چيو ته صحافين تي دهشتگردي جا ڪيس ٿيڻ ۽ سري عام حملا روز جو معمول بڻجي ويا آهن هنن چيو ته سنڌ ۾ قلم ڌڻي غير محفوظ بڻجي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ارباب مري تي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.










