جن شهرين تي جبري گمشدگي ثابت ٿي انهن کي پيش ڪريو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته جن شهرين جي جبري گمشدگيون ثابت ٿي چڪيون آهن انهن کي هر صورت ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ سرڪاري وڪيل ۽ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته جي آءِ ٽي جي اجلاس ۽ جاچ ۾ ٻن شهرين جي جبري گمشدگي ثابت ٿي چڪي آهي. ان تي عدالت سوال ڪيو ته شهري ايتري عرصي کان گم آهن، جاچ ۾ ڇا سامهون آيو آهي؟ جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته حافظ فرحان قادري اڳ به گم هو ۽ 2020ع ۾ ٻيهر گم ٿيو، ان حوالي سان مدينه ڪالوني ٿاڻي ۾ 2 ڪيس داخل آهن، عدالت کيس مفرور قرار ڏئي چڪي آهي.جسٽس نعمت الله چيو ته ڪجهه به ٿئي گم ٿيل شهرين کي عدالت ۾ پيش ڪرڻو پوندو.عدالت گهرو سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته گم ٿيل شهرين کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پاڻ پيش ٿئي.جن شهرين جي جبري گمشدگيون ثابت ٿي چڪيون آهن انهن کي هر صورت ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو