جمالي خلاف جيالن جو مٿا ڪوڙائي انوکو احتجاج

ڊرگھ بالا(جي ايم لنڊ بلوچ) بک ڏک تي پولنگن ۾ پادر اسين کائون ۽ سولر پليٽون، پکا ۽ مال وري خوشامدي کائن ٿا. اهڙو اظهار دادو جي جيالن پنهنجا مٿا ڪوڙائي دادو جي ايم اين اي ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ سردار رفيق احمد خان جمالي خلاف احتجاج ڪندي ڪيو. هنن الزام هنيو ته جمالي هائوس تي من پسند ماڻهن ۾ سولر پليٽون، پکا، راشن، ڪپڙا ۽ ٻيو امدادي سامان ورهائڻ ۾ جيالن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. ڪاڇي جي جيالن جيت فقيرعرف نجومي بابا، عبدالرزاق جو کيو، قربان ڏاھري، ڪامريڊ لالڻ لنڊ ۽ ٻين  چيو ته جمالي هائوس جوھي ۾ ورهايل سامان من پسند ماڻهن ۾ ورهايو ويو آهي.

ڪاڇي جي جيالن جو انوکو احتجاج

هنن چيو ته ڪٽي کائڻ وارن پيپلن مزا ماڻيا آهن جڏهن ته قرباني ڏيندڙ جيالن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. اسان سچن رت ڏيڻ وارن جيالن کي جمالي ھائوس ۾ گھرايو به نه ويو، اليڪشن وقت نعرا اسان ھڻون، شھرن ۽ ڪاڇي جي وستي واھڻن ۾ بجلي جي ٿنڀن تي جان جي پرواھ نه ڪندي  جھنڊا اسان ھڻون ۽ نظر انداز به اسانکي ڪيو ويو آهي. هنن ايم اين اي رفيق خان جمالي کان مطالبو ڪيو ته سندن جو حق کيس ڏنو وڃي نه ته عيد کان پوءِ احتجاج ڪنداسين.

جمالي خلاف جيالن جو مٿا ڪوڙائي انوکو احتجاج” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو