جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نديم ڀٽو 6 مئي تائين نيب حوالي

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ مني لاندرنگ ڪيس ۾ احتساب عدالت جي جج محمد ارشد نيب جي درخواست تي نئون ديرو هائوس جي انچارج نديم ڀٽو ۽ هڪ ٻئي جوابدارجميل بلوچ کي 6 مئي تائين رمانڊ منظور ڪندي سندن حوالي ڪري ڇڏيو. اربع 24 اپريل تي نيب کين اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جج ملزم نديم ڀٽو کان پڇو ته اوهان جي اڪائونٽ ۾ 74 لک روپين جر رقم ڪٿان آئي ته هن چيو کيس ڪابه ڄاڻ ناهي ته اها رقم ڪٿان آئي ۽ ڪنهن جمع ڪرائي. هن چيو ته مان 20 هزار ماهوار پگهار تي نئون ديرو هائوس ۾ ملازم آهيان. عدالت ڪيس جي جاچ لاءِ هن کي ۽ جميل بلوچ کي رمانڊ تي نيب حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته نديم ڀٽو جو ڀاءُ عبدالجبارڀٽو آصف علي زرداري جو ذاتي فوٽو گرافر آهي. جعلي بينڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ جي هن ڪيس ۾ آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، انور مجيد، عبدالغني مجيد، حسين لوائي ۽ ڪيترائي ٻيا نيب جي جاچ ۾ جوابدار آهن جن کان 29 بينڪ اڪائونٽس ذريعي 42 ارب روپين جي مني لانڊرنگ بابت پڇاڻو هلندڙ آهي. هوڏانهن هڪ ٻئي احتساب عدالت ۾ نيب پاران ڪراچي مان گرفتارڪيل پنج جوابدارن کي پيش ڪيو ويو. جج محمد بشير انهن جوابدارن جو راهداري رمانڊ منظور ڪندي کين 27 اپريل تي ڪراچي جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. انهن جوابدارن ۾ نظير جوکيو، غلام دستگير جوکيو، امام بخش ۽ ميان بخش شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو