جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بطور وڪيل ٽيڪس ادا ڪيو؛ بابر ستار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي قانوني ٽيم جي ميمبر ايڊووڪيٽ بابر ستار چيو آهي ته ان جو موڪل بطور وڪيل به ٽيڪس ادا ڪندو هيو. عدالت عظميٰ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين طرفان سپريم جوڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي خلاف داخل درخواستن تي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي ڪئي. ان دوران جسٽس عيسيٰ جي قانوني ٽيم جي ميمبر ايڊووڪيٽ بابر ستار انڪم ٽيڪس متعلق دليل ڏنا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٻڌڻي ۾ بابر ستار چيو هو ته جسٽس فائز عيسيٰ جي گهرواري وزيراعظم عمران خان کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪيو آهي. بابر ستار چيو ته لنڊن فليٽس لڪائڻ جيڪڏهن مقصد هجي ها ته پوءِ آف شور ڪمپني بڻايون ها. جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ تي بطور جج ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي. وڪيل بابر ستار چيو ته اهڙو ڪو به مواد يا ثبوت ناهي جنهن ۾ لکيل هجي ته لنڊن اثاثا جسٽس فائز عيسيٰ جي ملڪيت آهن. ان تي جسٽس يحييٰ آفريدي پڇيو ته ڇا جسٽس فائز عيسيٰ جي ٻارن جا پاسپورٽ سرڪاري آهن جنهن تي منير اي ملڪ ٻڌايو ته ٻنهي ٻارن وٽ سپينش پاسپورٽ آهن. جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ گهرواري ۽ ٻارن کي ڪا به گفٽ ناهي ڏني ڇاڪاڻ ته جيڪي توهان دليل ڏئي رهيا آهيو اهي گفٽ ڏيڻ متعلق آهن جڏهن گفٽ ڏنا ئي ناهن تي پوءِ ان نڪتي تي دليل ٻڌي اسان ڇا ڪنداسين. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ بابر ستار پانامه ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته پانامه فيصلي مطابق مريم نواز پنهنجي پيءُ نوازشريف جي زير ڪفالت ناهي ۽ زير ڪفالت نه هجڻ تي اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي ڌيءَ مريم نواز جا اثاثا ظاهر ڪرڻ جو پابند نه هيو. هن چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ آرٽيڪل 209 تحت تحفظ نه پيو گهري پر هو چاهي ٿو ته ٽيڪس نه ڏيڻ جا جيڪي الزام لڳايا ويا آهن انهن جي انڪوائري ٿيڻ گهرجي. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 209 صرف تحفظ نه پر استحقاق به آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم عمران خان جي بيان جو ذڪر به آيو. وڪيل بابر ستار چيو ته وزيراعظم عمران ڪالهه چيف جسٽس ۽ مستقبل جي چيف جسٽس کي مخاطب ٿيندي امير ۽ غريب لاءِ الڳ الڳ قانون جي ڳالهه ڪئي جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته سياسي بيانن لاءِ هي فورم استعمال نه ڪيو ڪو به ادارو مڪمل پرفيڪٽ ناهي ۽ هر اداري ۾ بهتري جي گنجائش هوندي آهي. هن وڌيڪ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ماتحت عدليه جي هڪ جج جي ڪري سڄي عدليه کي شرمندگي کڻڻي پئي ان ڪري هن روسٽرم تي وزيراعظم ۽ ان جي گهرواري جي باري ۾ ڳالهه نه ڪيو. وڪيل بابر ستار چيو ته مان ڪا سياسي ڳالهه نه پيو ڪيان مجموعي طور تي عدالتي فيصلي سان هڪ ڌر خوش ۽ ٻي ڌر ناراض ٿي واپس هلي ويندي آهي. ٻڌڻي دوران بابر ستار چيو ته اثاثا لڪائڻ جو سوال تڏهن ٿو پيدا ٿئي جڏهن ظاهر ڪرڻ لازمي هجي. جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته جسٽس فائز عيسيٰ جي گهرواري تي اثاثا ظاهر ڪرڻ لازم هيو. وڪيل بابر ستار چيو ته جيڪڏهن ٽيڪس اٿارٽي مطمئن نه هئي ته پوءِ 25 هزارن جو جرمانو هڻي سگهي پئي جج جو احتساب گهرواري يا ٻارن جي کينل قدمن تي نه ٿو ٿي سگهي.  جسٽس يحيٰ آفريدي ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جج جا ٻار ۽ گهرواري فائدا کڻي انجواءِ ڪندا هجن ته پوءِ به ڇا اهڙي عمل جو احتساب نه ٿيڻ گهرجي. جسٽس سجاد علي شاهه جي نياڻي شادي ٿيڻ کان پوءِ ميڊيڪل جون سهولتون به نٿي وٺي سگهي ۽ جيڪڏهن پٽ جي عمر 25 سال آهي ته پوءِ هو به والد جي عهدي مان ڪو به فائدو حاصل نه ٿو ڪري سگهي. جنهن تي جسٽس فيصل عرب چيو ته جيڪڏهن جائيداد جو تعلق جج سان ثابت ٿي وڃي ته پوءِ زير ڪفالت هجڻ يا نه هجڻ جو سوال نه ٿو رهي. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن جج پاڻ مهانگي گاڏي هلائي ته ڇا ته به ان کي ڪرپٽ نه ٿو چئي سگهجي. وڪيل بابر ستار چيو ته جج به شهري آهن روز مرهه زندگي جي معمولات ۾ مسئلا ٿي سگهن ٿا. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم جوڊيشل ڪونسل رٻر اسٽمپ ناهي ۽ ججن خلاف داخل شڪايت ڪونسل ختم ٿيڻ جو ججن جي ڄاڻ ۾ ئي ناهي هوندو. هن وڌيڪ پڇيو ته ڪهڙي سبب جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪونسل ڪارروائي کان بچي رهيو آهي. بابر ستار چيو ته ڪيس ريفرنس داخل ڪرڻ متعلق صدر جو اختيار آهي، سوال اهو آهي ته ايگزيڪٽو جج کي نوٽيس جاري ڪري سگهي ٿو يا نه. جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو جج کان اعليٰ معيار پڇي ته سٺي ڳالهه آهي ڪيس ۾ به جج ۽ ان جي گهرواري متعلق ڳالهه ڪئي وئي آهي. بابر ستار چيو ته ريفرنس ۾ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي خلاف ورزي جو ناهي چيو ۽ سوال اهو به آهي ته ڇا پراڻي عهدي ۾ مس ڪنڊڪٽ موجوده عهدي کان هٽائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو؟ بابر ستار چيو ته منهنجو موقف آهي ته صدر کي ريفرنس موڪلڻ کان پهرين شاهدين جو جائزو ٺڻ گهرجي ها.  جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته صدر مملڪت جي سامهون مواد شڪ شبهن کان مٿي هجي ته ڪونسل کي موڪلڻ جي ڪهڙي ضرورت هجي ها. بابر ستر چيو ته صدر مملڪت ڪنهن جج خلاف ريفرنس موڪليو جيڪو وڏو سنجيده مسئلو آهي جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو