زهريلو پاڻي پيئڻ سبب 5 ٻار فوت، انتظاميا نلڪا پٽي ڇڏيا

سانگهڙ(رپورٽ منٺار رند)ڳوٺ نياز محمد ڀٽي ۾ 5 معصوم ٻارڙا زهريلي پاڻي پيئڻ سبب فوت ٿي ويا آهن. ماهرن جو چون آهي ته سانگهڙ ضلعي ۾ جر پاڻي زهريلو ٿي چڪو آهي. ڊي ايڇ او سانگهڙ پاران جر جي پاڻي جي ڪرايل ٽيسٽ ۾ به جر جو پاڻي زهريلو ثابت ٿيو آهي. متاثره ڳوٺ يو سي عظيم آباد جي ديهه 34 جمڙائو ۾ واقي آهي. هن ڳوٺ بابت پاڻي جي چڪاس واري سرڪاري رپورٽ بعد انتظاميا ڳوٺ تي ڇاپو هڻي نلڪا ته پٽرائي ڇڏيا پر پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جو ڪو به انتظام ناهي ڪيو. ڊي ايڇ او موجب عالمي معيار موجب پيئڻ جي پاڻي ۾ ٽي ڊي ايس جي شرح 600 هجڻ گهرجي پر رپورٽ ۾ واسطيدار نلڪن جي جر جي پاڻي ۾ اها شرح 1806 رپورٽ ٿي آهي. سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ حڪومت جي بنيادي آئيني ذميواري آهي پر حڪومت ان ۾ به ناڪام ٿي وئي آهي. ايل بي او ڊي ۾ فيڪٽرين جي زهريلي مواد واري پاڻي سبب ان جي آس پاس جو جر به زهريلو ٿي ويو آهي. اڪثر شهرن ۽ ڳوٺن جي گٽرن جو ڇوڙ واهن ۽ واٽر ڪرسز ۾ ڪرڻ سبب شاخن جو پاني به پيئڻ لائق ناهي رهيو. ياد رهي ته سانگهڙ ضلعي ۾ صحت جون سهولتون به اڻلڀ آهن ۽ ضلعي جي مختلف ڳوٺڻ ۾ ارڙي ۽ ٻين بيمارين سبب 18 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو