جج محمد بشير ٻيهر رٽائرمينٽ تائين موڪل جي درخواست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت جي جج محمد بشير ٻيهر طبي بنيادن تي موڪل جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. جج محمد بشير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ موڪل جي درخواست ڏني. هن درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته 14 مارچ تي رٽائرڊ ٿي رهيو آهيان تيستائين مون کي طبي بنيادن تي موڪل ڏني وڃي. جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به درخواست وصول ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ به جج محمد بشير موڪل جي درخواست ڏني هئي پر طبيعت بهتر ٿيڻ تي هن پنهنجي درخواست واپس وٺي ڇڏي هئي. ياد رهي ته جج محمد بشير پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف توشه خانه ڪيس جو فيصلو ٻڌايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو