جان محمد مهر کي ڇو قتل ڪيو ويو

تحرير قادر لاشاري
جان محمد مهر جي قتل جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي ڇو ته جان محمد مهر. ممتاز بخاري. شوڪت نوناري. نثار کوکر ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي نالا ايئن رات وچ ۾ نه ٿا ٺھن. هي ان آوي جي پيداوار آهن جيڪا هاڻ پچڻ ئي بس ٿي وئي آهي. هاڻ نه اهو پي سي او جو دور رهيو آ نه ئي فيڪس مشين ۽ موڊيم جو دور رهيو آ جو ايندڙ صحافتي نسل جي سٺي نموني تربيت ٿي سگهي. جان محمد جي اوچتي قتل تي افسوس پنهنجي جاءِ تي پر مونکي حيرت ٿي ڇو ته جان محمد هڪ سياڻو ۽ سنجيده صحافي هيو. جان محمد ٻين جا مسئلا حل ڪرڻ وارو ماڻهو پنهنجو مسئلو ڪيئن حل نه ڪري سگهيو. مون چڪ ۽ آسپاس واري علائقي سان لاڳاپيل دوستن سان جڏهن حال احوال ڪيا ۽ اصل مسئلي جا حال احوال ٻڌي ڊنگ رهجي ويس ۽ سوچيم ته جان محمد جيڪڏهن ان مسئلي حل ڪرائڻ جي منهنجي ئي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي ها ته شايد اڄ اها نوبت نه اچي ها. مسئلو غلام رسول ۽ شير دل وچ ۾ هيو جان محمد جو هن معاملي سان پري جو به واسطو نه هو. بس قدرت جان محمد جي ڦٽي جو سندس ڀاءُ ايڪڙ ڏيڍ زمين غلام رسول کي وڪرو ڪري ڏني. چڪ جي چڱن ڀلن دوستن ٻڌايو ته غلام رسول مهر ۽ شير دل مہر هڪٻئي جا رشتيدار آهن. ماء جي پيٽ ۾ ئي اڻ ڄميل ٻارڙي جو رشتو طئي ٿيل هو جيڪو غلام رسول وارن شير دل کي نه ڏنو ان تان ٻنهي ۾ مسئلو پيدا ٿيو. شير دل وارا غلام رسول کي مختلف طريقن سان تنگ ڪندا رهيا جنهن ۾ جان محمد جو پري پري تائين واسطو نه هيو. ان دوران جان محمد جي ڀاءُ غلام رسول کي جيب ڏيڍ زمين وڪرو ڪري ڏني جنهن زمين تي شير دل وارن غلام رسول سان هروڀرو ڦڏو اچي ڪيو. غلام رسول اچي جان محمد جي ڀاءُ کي چيو ته مان باقي پئسا تڏهن ڏيندس جڏهن اوهان مونکي زمين ڪليئر ڪري ڏيو. جنهن تان جان محمد جي ڀائٽي فضل ۽ ٻين گڏجي وڃي ان ٻني تي شير دل جي اڪيلي پٽ زبير کي بيدردي سان قتل ڪيو. مقامي ماڻهو ٻڌاين ٿا ته شير دل جي ان اڪيلي پٽ کي ڏاٽري سان ڪُٺو ويو. جنهن جو موت ڏسي ان جون ڀينرون چريون ٿي ويون آهن.
جان محمد مهر تي الزام آهي ته هن زبير جي قتل جي ايف آئي آر ۾ پنهنجي ڀائٽي ۽ ٻين جوابدارن جي فل مدد ڪئي. قتل ڪيس کي پوليس کان خراب ڪرايو ۽ ڪا به گرفتاري يا پوليس چڙهائي ٿيڻ نه ڏني. جنهن تي معاملو وڌيڪ خراب ٿيو. ڪجهه مهينا پهرئين مقتول زبير واري ڌر جو سمورو خاندان ڳوٺ ڇڏي ڪچي جي شاھ ٻيلي واري علائقي لڏپلاڻ ڪري ويو. شير دل وارن جا ويھ کان وڌيڪ گهر لڏو کڻي هليا ويا. شير دل وٽ هڪ سئو کان وڌيڪ مينهون ۽ ٻيو ڪروڙين روپين جو چوپايو مال هيو. سڀ نيلام ڪري مطلب گهٽ قيمت ۾ وڪرو ڪري وڃي ڪچو وسايو. ان دوران جان محمد کي وڌيڪ پريشاني ٿي. جان محمد پنهنجي وس آهر ٺاھ جي لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي. ٺاھ جي لاءِ ڪوششون ڪندڙ منهنجي ان دوست مونکي جان محمد جا سمورا ميسيج ڏيکاريا ۽ شير دل سان ڪيل رابطن جا پڻ تفصيل ٻڌايا. تازو محرم الحرام دوران پڻ ٺاھ لاءِ شير دل سان ڳالھ ٻولهه ڪئي وئي شير دل جواب ڏنو ته ٺاھ ان شرط تي ٿيندو ته پهرئين منهنجي پٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس جي حوالي ڪيو وڃي. جوابدار گرفتار ٿين پوء ڳالهيون ٿينديون منهنجي دوست چواڻي ته جان محمد پهرئين ٻه جوابدار ڏيڻا ڪيا ۽ چيو ته باقي ٽيون جوابدار منهنجي چوڻ هيٺ ناهي پر آخر ۾ جان محمد اهي ٻه جوابدار گرفتار ڪرائڻ کان به جواب ڏنو. جان محمد سردار محمد بخش مهر تائين به فيصلي لاءِ ايپروچ ڪئي پر اتان پڻ تڪڙو ريسپانس نه ملي سگهيو. منهنجو سنگتي ٻڌائي ٿو ته مون شير دل کي ڪافي چيو ته هن معاملي ۾ جان محمد جو ڪو ڏوھ ناهي جان محمد کي نه مارجو پر شير دل چيو ڇوڪرا نه ٿا مڃين ڇوڪرا چون ٿا ته جوابدارن کي جهان محمد ئي بچايو پيو آ ماڻهو به اسان جو ماريو اٿن شهر ۾ مڇون به اسان تي وٽين ٿا کانگهارا به اسان کي ڏسي اڇلائين ٿا ۽ هٿيار به کنيو ٿا وتن سڄي مڳي جان محمد جي زور تي اٿن ان ڪري اسان ٽارگيٽ جان محمد کي ئي ڪندا سين. اهو ئي ٿيو جنهن جو جهان محمد کي به خطرو هو.
هاڻ ڇا ٿيندو
لوڪل ذريعا ٻڌاين ٿا ته ڪجهه به ڪون ٿيندو. ڇو ته جوابدار ڌر پنهنجو سمورو ڪڻمب قبيلو وٺي ڪچي هليا ويا آهن ۽ هو ڌاڙيل ٿي ويا آهن. پڪي ۾ هنن جو ڪو به ويجهو مٽ عزيز ناهي جنهن جي هنن کي لاچار هجي. هو جتي وڃي ويٺا آهن اتي پوليس نه ٿي پهچي سگهي ۽ ذاتي طور تي هو جان محمد جي ڀائرن کان گهڻا ڏاڍا آهن هنن کي خوف صرف جان محمد کان ئي هيو جيڪو هليو ويو. هاڻ ميڊيا جو پريشر وڌ ۾ وڌ پندرهن ڏينهن پر اهو پريشر ڪيترا ڏينهن به هلي ڌاڙيلن تي ڪو فرق نه پوندو.
جوابدار شيرو جي سوچ جو نتيجو ته جان محمد جي جنازي ۾ ئي نظر اچي ويو. سنڌ جي ايڏي وڏي ناليواري صحافي جي جنازي ۾ هڪ به پوليس آفيسر شرڪت نه ڪئي آهي جيڪي پوليس آفيسر جان محمد جي چمچاگيري ڪندي نه ٿڪجندا هئا انهن جان محمد جي وڃڻ کانپوءِ هن جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ جي زحمت به نه ڪئي آ.
ايڏو وڏو واقعو ٿيو آ ان جي اڳواڻي لاءِ اداري طرفان جن ٻن ڄڻن کي سکر موڪليو ويو آ انهن لاءِ مشهور آ ته پنهجي ڪنهن ننڍڙي مسئلي تي به سئو ماڻهن سان سور سليندا آهن ته هاڻي ڇا ڪيون مان حيران آهيان ته ان قسم جي رٿابندي جان محمد کي ڪهڙو انصاف ڏياريندي.
مان دوستن کي واضع ٻڌائيندو آهيان ته مان پڙهيل لکيل نه پر ڪڙهيل لکيل صحافي آهيان. زندگي جو هر لقاء هڪ نئون سبق ڏئي ويندو آهي. جان محمد مهر واري واقعي مان اسان صحافين کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ته پنهنجي پاور جي بنياد تي انصاف ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ گهرجي. اسان جو سماجي ڪلچر بلڪل مختلف آهي اهو عھدا پاور واسطا ۽ وڏا تعلق نه ٿو ڏسي.
نوجوان زبير کي بيدردي سان قتل ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ها ته اڄ جان محمد قتل نه ٿئي ها. پوليس هميشه اسان سان گڏ نه هوندي. ادارا هميشه اسان سان گڏ نه هوندا. ان ڪري مان پنهنجن ڀائرن سئوٽن ۽ گهر کي پوليس کان پري رکيو آ منهنجا ڀائر ڪڏهن لوڪل ٿاڻي تي به نه ويا آهن. هو ڪنهن سان تيز ٿي به نه ڳالهائيندا آهن پنهنجي ڪم ۾ مشغول زندگي گذارين ٿا. مون ڪي ٽي اين نيوز ڇڏي اهو تجربو ڪيو ته هي سڀ ڪوڙا ۽ عارضي پاور آهن جن ۾ مدهوش ٿي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن. مان ان پاور جو جيئرو جاڳندو مثال آهيان ته ان ئي اداري ۾ رهي منهنجو مٿو خراب ٿيو ۽ ان ئي اداري مونکي ڪڍي منهنجو مٿو جائي تي آندو. مان ڪي ٽي اين نيوز ۾ هجان ها ته شايد مان به مارجي وڃان ها پر الله سائين جي مهرباني جو ڪنهن نه ڪنهن بهاني مان ادارو ڇڏيو ۽ منهنجي مڳي مري وئي هاڻي مان سڪون ۾ آهيان ۽ اکين آڏو ڏسان پيو ته خلق ڪيئن پئي هوا ۾ اڏري.

هي تحرير قادر لاشاري جي فيسبوڪ پيج تان ورتل آهي

پهنجو تبصرو موڪليو