مورو ( اياز سولنگي) صوفي فقيرن جو صوفي راڳي مانجهي فقير جي ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف راڳ ڳائي مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي فقير وسيم ڪلهوڙو، فقير پٺاڻ کوسو، فقير غلام الله ڀان، فقير عاقب سولنگي ڪري رهيا هئا. صوفي فقير دادو مورو روڊ کان صوفي راڳ ڳائيندا مورو پريس ڪلب پهتا جتي هنن چيو ته صوفي فقير مانجهي فقير جي ڳوٺ جا رستا ختم ٿي ويا آهن جنهن ڪري سندس آستاني تي وڃڻ لاءِ سخت تڪليفون پيش اچي رهيون آهن. هنن چيو ته آستاني تي هر سال ميلو لڳندو آهي جتي چئني صوبن جا ماڻهو وڏي تڪليف کي منهن ڏئي پهچندا آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتو مانجهي فقير جي ڳوٺ کي ڪا به سهولت نه ڏني آهي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته صوفي ازم جي پرچار ڪندڙ صوفي راڳي مانجهي فقير جي ڳوٺ کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.
