تيل جي ڀريل ٽينڪر کي باهه،3 ڄڻا فوت

ٺٽو (ن س) ٺٽو ڪراچي نيشنل هاءِ وي تي گجو شهر لڳ آئل سان ڀري آئل ٽينڪر اٿلڻ سبب آئل ٽينڪر باه لڳي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽينڪر اوچتو ڪلٽي ٿي ويو، ٽينڪر ڊرائيور سميت ٽينڪر ۾ ويٺل مددگار موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته باه لڳڻ سبب ٽينڪي سڙي رک ٿي ويو آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿيڻ سبب پوليس روڊ جو هڪ حصو ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته آئل ٽينڪر حيسڪول پيٽروليم ڪمپني جو هو، جنهن جو نمبر ٽي ايل يو 989 آهي جيڪو ڪراچي کان سجاول وڃي رهيو هو ٽينڪر 8000 ليٽر ڊيزل ۽ 16000 ليٽر پيٽرول سان ڀريل ھيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو