ڌنڌ سبب وين جو بيٺل ٽرڪ سان ٽڪر 3 ڄڻا فوت 7 زخمي

گمبٽ (ن س) ڳوٺ مبارڪ ابڙي وٽ تيز رفتار وين بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ وين سوار 3 مسافر مسمات نرگس خاتون، نجف الحسن ۽ رياض حسين منگي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏھن ته 7 روهت ڪمار، ولي محمد سومرو، عبدالستار، محمد عمر راجپوت، گلزار حسين، محمد اسحاق بروهي، نسيم احمد، اجيت ڪمار ۽ مسمات زندان خاتون سخت زخمي ٿي پيا جن کي کي گمبٽ اسپتال آندو ويو. واضح رهي ته مسافر وين سکر کان لاڙڪاڻي وڃي رهي هئي ته اهو حادثو پيش آيو واقعو سخت ڪوهيڙي سبب پيش آيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو