توهين ڪميشن: خان ۽ فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن توهين ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي پر پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ فواد چوڌري طرفان ڪوبه پيش نه ٿيو. ٻڌڻي دوران اسد عمر طرفان سندس وڪيل عمائمه منصور اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ هن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪندي موقف ۾ چيو ته انور منصور ميڊيڪل چيڪ اپ جي لاءِ موڪلن تي آهي. جڏهن ته اسد عمر به ميڊيڪل چيڪ اپ جي سلسلي ۾ مصروف آهي. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر اڪرام الله خان چيو ته اهڙي طرح ته هر ڀيري ٻڌڻي ملتوي نٿا ڪري سگهون جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته اسد عمر ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿي چڪو آهي. ڪميشن جي ميمبر اڪرام الله خان چيو ته توهين عدالت جي ڪيس ۾ حاضري لازمي هوندي آهي. ان موقعي تي معاون وڪيل اسد عمر جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني چيو ته اهڙي طرح ته ڪيس ختم ئي نه ٿيندو. ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 25 جولاءِ تائين ملتوي ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن ايندڙ ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ چيئرمين، اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو