اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٽرائل روڪڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل اڪلائيندي چيو ته توشه خانه ٽرائل حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ان ۾ اسان مداخلت نٿا ڪري سگهون.ٻڌڻي کان اڳ عدالت جي ڪمري ۾ سخت بدنظمي ۽ گوڙ شروع ٿيو جنهن سبب ججز عدالت جي ڪمري مان اٿي هليا ويا. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس مسرت بلالي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ پي ٽي آءِ چيئرمين جي توشه خانه ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي کان اڳ پي ٽي آءِ چيئرمين جي عدالتي ڪمري ۾ موجودگي کان پوءِ سخت بدنظمي ڏٺي وئي. 2 رڪني بينچ عدالت جي ڪمري ٻاهران گوڙ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.بينچ جي سربراهه جسٽس يحيٰ آفريدي پي ٽي آءِ چيئرمين جي قانوني ٽيم کان پڇاڻو ڪندي چيو ته عدالتي احترام ۽ وقار کي نظر ۾ رکيو وڃي. ٻاهر کان گوڙ ختم ڪرايو ٻئي صورت ۾ اسان ڪيس نه ٻڌنداسين. اهڙي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان به ڪافي پريشان نظر آيو جنهن کان پوءِ گوڙ سبب بينچ جا ججز ڪجهه دير لاءِ اٿي هليا ويا. ڪجهه دير کان پوءِ ججز واپس آيا ۽ ڪيس تي ٻڌڻي جي شروعات ٿي.جسٽس يحيٰ آفريدي ٻڌڻي دوران پڇيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ته اهو معاملو ٽرائل ڪورٽ ڏانهن اماڻيو هو؟ درخواستگذار جي وڪيل خواجه حارث جواب ڏنو ته اسان جج تي اعتراض ڪندي ڪيس ڪنهن ٻئي جج جي سامهون مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. ڊي جي لاءِ اليڪشن ڪميشن چيو ته ٽرائل ڪورٽ ڪيس منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي. وڪيل صفائي چيو ته اسان مڪمل انصاف جي فراهمي لاءِ سپريم ڪورٽ آيا آهيون.جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ماتحت عدليه بابت اختيار هاءِ ڪورٽ وٽ آهي اسان ته صرف هاءِ ڪورٽ کان درخواست ڪري سگهون ٿا. جسٽس مسرت بلالي ريمارڪس ڏنا ته توشه خانه جو ٽرائل ته حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته منهنجي خيال ۾ اسان کي هن وقت هن معاملي ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي وڌيڪ چيو ته اسان ٽرائل ڪورٽ جي اختيار ۽ ٻڌڻي کي به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي.درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان جون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن. درخواستگذار جي وڪيل ۽ ڊي جي لا اليڪشن ڪميشن ٻنهي اتفاق ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهريان ٻنهي درخواستن کي ٻڌي فيصلو ڪري.سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته درخواستگذار طرفان توشه خانه ٽرائل ڪورٽ جي جج تي اعتراض جي درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ انهن هاءِ ڪورٽ جو ڪيس ٽرائل ڪورٽ ۾ منتقل ڪرڻ جي فيصلي کي به چئلينج ڪيو آهي. ان ڪري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻئي درخواستون ٻڌي فيصلو ڪري.
