تنگواڻي ويجهو ٽرڪ ۽ چنگچي ۾ ٽڪر پنج ڄڻا زخمي

ڪنڌڪوٽ(ڊ  ر) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد تنگواڻي ويجهو انڊس هاء وي تي ٽرڪ ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ چنگچي رڪشا ۾ سوار عورتن ۽ ٻارڙن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ وقار، ڌياڻي، ثمرين ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين کي فوري طور طبعي علاج لاء اسپتال نيو ويو. مقامي ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثو اوور ٽيڪ سبب پيش آيو، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو