تنگواڻي لڳ ڪڻڪ جي ديري کي باه لکين روپين جي ڪڻڪ رک

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ غالب بلوچ) تنگواڻي ويجهو ڪمال مڱسي ۾ نامعلوم ماڻهن زميندار جي ڪڻڪ جي ديري کي باھ ڏيئي ڇڏي. تنگواڻي ويجهو ڊيرا سرڪي ٿاڻي جي حد ڪمال مگسي ۾ نامعلوم ماڻهن زميندار عبدالغني مگسي جي ڪڻڪ جي ديري کي باھ ڏيئي فرار ٿي ويا. جنهن سبب لکين روپين جي ڪڻڪ سڙي رک ٿي وئي. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي پئي. متاثر زميندار پاران انصاف جو مطالبو.

پهنجو تبصرو موڪليو