روشن ڪلهوڙو
سنڌ ۾ تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ اربين رپين جي يورپين ڪنٽيريز ، ورلڊ بئنڪ، ايشين بئنڪ سميت ٻين جي تعاون سهڪار جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي پر افسوس ته پنهنجي وزيرن، منسٽرن، ڪامورن جي ڪميشن جي چڪر ۾ سنڌ جي تعليم ويچاري نڌڻڪي ۽ لاوارث بڻائي وئي آهي. وک وک تي تعليم دوست هجڻ بجاءِ ويري پنهنجا هوندي پراوا بڻجي ويا آهن. تعليم ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ناقص ڪارڪردگي ڪري تعليم ادارن جا سربراهه ايڊمنسٽريشن ڪنهن حد تائين ڏوهي هجي به پر اصل ۾ وزير، مشير، صلاحڪارن، ڪامورن ۽ بد ذوق تعليم کاتي جي آفيسرن جي حرام پائي ۽ لوٽمار سبب ادارا ڀينگ ڪيا ويا آهن. اسڪولن، ڪاليجن ۾ ٻيو ته ٺهيو پر واڇ روم، بات روم، چوديواري به ڪونهي، پلي گرائونڊ راند جو ميدان اسيمبلي جو گرائونڊ ڪونهي، پارڪ باغ ڪونهي، وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته نلڪو واٽر پمپ ڪونهي، صفائي لاءِ سوئيپر ڀنگي مقرر ڪونهي شاگرد اسڪول ۾ پاڻ پڙهڻ بجاءِ صبح جو سوير گند ڪچرو کڻن ٿا. بدانتظامي جي اها حد آهي جو هڪ طرف سوين شاگردن لاءِ استاد ڪونهن ته ٻئي پاسي وري25، 30 شاگردن تي ڏهه ٻارهن ٽيچرس مقرر ڪيل آهن. سفارش ۽ رشوت ڪلچر ۾ تعليم کاتو ڄڻ ته لولو لنگڙو اپاهج بڻائڻ جي ڪا ڪثر نه ڇڏي وئي آهي. تعليم جي سڌاري واڌاري لاءِ نگران حڪومت سنڌ حقيقي قدم اهي کڻي جنهن جا دور رس مستقبل ۾ بهتر اثرات جاري رهي سگهن. وڏي انگ ۾ بد ذوق اهڙا به ماستر آهن جيڪي نالي جا استاد آهن پر اصل ۾ بدنما داغ آهن اهي پنهنجي ايندڙ مستقبل جي معمارن جي بهتر نشو نما ڪرڻ بجاءِ انهن جي لاءِ ناسور جيان شاگردن لاءِ بڻجي رهيا آهن ۽ پنهنجي شاگردن کي برن نظرن جو مرڪز بڻائيندي بد فعل طرف راغب ڪندا رهن ٿا. اهڙا استاد ناهن بلڪ پيغمبري پيشي تي بدنما داغ آهن اهڙن سماج تعليم دشمن ماسترن کي ادارن مان نيڪالي ڏني وڃي نه ته مستقبل جا معمار مرڪڻ بجاءِ مرجهائجي ويندا.استادن جي سماجي تنظيم آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسو سيئيشن (پ ٽ آلف) هڪ وڏي تاريخ رکي ٿي پ ٽ الف جو 18 آڪٽوبر 2023ع تي 3 سالا مدو پورو ٿي ويو آهي. جنهن کان پوءِ سموري سنڌ جا سوا لک پرائمري استاد پنهنجي جمهوري نظام عمل کي برقرار ڏسڻ لاءِ نين چونڊن اليڪشن جو مطالبو ڪري رهيا آهن ۽ پوري سنڌ ۾ وري سنڌ جا پرائمري استاد جمهوري نظام جمهوريت ڀريو ماحول ڏسڻ جي خواهش ڏيکاري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن استادن جي نمائنده جماعت تنظيم پ ٽ الف ۾ پنھنجو پيرڊ 3 سال گذرڻ باوجود به نيون چونڊون اليڪشن نٿيون ڪرايون وڃن ته پوءِ هڪ ٻه سئو هزار نه پر تقريبًا سوا لک استاد انهيءَ بي چيني ذهني الجهن ۽ ٽينشن جو شڪار آهي ته ڪا به ڌر غير قانوني، غير آئيني ۽ غير جمهوري انداز ۾ 3 سال عهدن تي رهڻ باوجود هاڻي قابض ٿيڻ ۽ چنبڙڻ جو باقي جواز نٿو رهي ته ڪو به گروپ ڌڙو ڊڪٽيٽرشپ غير جمهوري انداز سان ڏاڍ مڙسي ڪندي هروڀرو عهدن تي چنبڙي تعليم متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي. پنهنجا پراڻا عهدا ڇڏي نين چونڊن جو فوري طور تي اعلان ڪيو وڃي. جنهن سان هزارين استادن جي ذهني الجهن پريشاني دور ٿي سگهي ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ انڊسٽري ڊپارٽمينٽ، نگران حڪومت سنڌ، نگران وزير اعلي سنڌ جسٽس ( ر ) مقبول باقر، وزير تعليم ميڊم رعنا حسين، سيڪريٽري ڊاڪٽر شيرين بيگم سميت تعليم کاتي سنڌ جا وش وارا فوري طور تي پ ٽ الف جي مدي ختم ٿيڻ بعد هنگامي بنيادن تي جهڙي طرح ملڪ پاڪستان ۾ جنرل اليڪشن جون تياريون آهن ۽ اهي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ حڪومت سرگرم عمل آهي اهڙي طرح استادن جي نمائندہ تنظیم پ ٽ الف جي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ به خصوصي احڪامات جاري ڪندي استادن ۾ جمهوري قانوني اخلاقي قدرن جي پاسداري ڪندي نئين اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو وڃي ۽ 3 سالا عهدن تي رهندڙ مدي خارج عھديدارن کي هاڻي ڇٽي موڪل ڪرائي وڃي. اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر ڪار پ ٽ الف جي سيٽن تي رهندڙ ڪهڙي ڳالهه جي ڪري مدي خارج پيرڊ ٽي سالا پورو ٿيڻ باوجود ڪرسين عهدن کي ڇو چنبڙي پيا ويٺا آهن؟. لڳي ٿو ته انهن عهدن جي لالچ ۾ يا انهي ڊپ خوف کان عهدا نٿا ڇڏين ته وري استادن جو ووٽ ملي الائي نه، يقينن جن استادن جي بهتري لاءِ ڪم ڪار، استاد برادري، تعليم جي بهتري لاءِ انقلابي سوچ وارا ڪم ڪار ڪيا هوندا انهن کي استاد ڳولي ڳولي پنهنجو پاڻ ووٽ ڪندا. باقي جن ٽي سالا پنهنجي پيرڊ ۾ استاد ڪاز لاءِ وڙهڻ جدوجهد ڪرڻ بجاءِ آفيسرن ڪامورن جي خوشامد لوڀ لالچ دڪانداري ۾ گذاريو هوندو انهن کي ڪنهن به صورت ۾ استاد ووٽ نٿا ڪري سگهن. استاد باشعور آهن پر ڪجهه حرام خور ماڻهو گوسڙو ماسترن جي سهاري اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ ڄاڻين ٿا. اسان جي تعليم جو ٻيڙو اهڙن گوسڙو ماسترن ٻوڙيو آهي جيڪي نه اسڪول اچن، نه ئي تعليم ٻارڙن کي ڏين، ني ئي وري بهترين سٺن ڪم وارن انقلابي سوچ وارن عھديدارن کي ووٽ ڪن، تعليم کاتي ۾ بدنام زمانہ گوسڙو ماسترن جي ڪري پوري تعليمي اسٽريڪچر جو ڊوان ڊول لڳو پيو آهي. هڪڙا نالي ۾ ماستر آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهي يونين جي ڪمداري پٽيوالي سنهي ماري جي ڪري بدقسمتيءَ سان يونين جي وڏن عهدن تي تاڦيل رهن ٿا، حقيقت ۾ هتي جيڪو ڪجهه يونين جي نالي فراڊ هيرا ڦيري، داداگيري ۽ ڏاڍ مڙسي ڪئي ٿي وڃي انهي تي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙهي رهي آهي. يونين جي نالي ۾ ادارن جي نيلامي ٿيندي رهي ٿي. غلط اڳواڻن عھديدارن جي ڪري تعليم کاتي ۾ نسورو ناحق ٿيندو رهي ٿو. فرنيچر جي کوٽ، اسڪولن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به سهولت نه هجڻ تي چپ، استادن جا جائز ڪم ڪار نه ٿيڻ تي خاموشي، يونين جو ڪم صرف اهو آهي ڇا ته پنهنجي مٽن مائٽن، عزيزن، رشتيدارن، اولاد لاءِ مخصوص نوڪريون وٺي خاموش ٿي ويهڻ، باقي پوري سنڌ جي سمورن استاد برادري جي استاد اولاد ڪوٽا تي وات بند ڪري ويهي رهڻ، استادن جي 17 گريڊ وٺڻ لاءِ خاموش ٿي ويهڻ، پروموشن ۾ سينيئر 35.35 سالن کان وڌيڪ سروس ڪندڙ نظر انداز ٿيندا رهن پر ڪامورا ۽ يونين جا ماڻهو ملي ڀڳت ڪندي پنهنجا نوازي ۾ پروموشن نٿا کڻي سگهن ۽ پي ايس ٽي کان ايڇ ايس ٽي نٿا بڻجي سگهن؟ جڏهن سنڌ حڪومت اڪروڙين ۽ اربين روپين فرنيچر ڏيڻ جو اعلان ته ڪري ٿي پر فرنيچر بظاهر رستي ۾ غائب ٿي وڃي ٿو ۽ اسڪولن ۾ نالي ماتر ٽيلر طور مڙيئي فوٽو سيشن ڪري باقي تعليمي ادارن ۾ فرنيچر نٿو پهچي ته پوءِ يونين ڪامورن جي ملي ڀڳت سان ادارا لکين شاگرد ساڳئي مصيبت مسئلن جو شڪار رهن ٿا. انهيءَ ڪري فوري طور جمهوري عمل کي برقرار رکڻ لاءِ آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن ( پ ٽ الف) جون چونڊون ڪرايون وڃن ۽ جيڪي سنڌ سيڪريٽريٽ جي دفترن آفيسن جا اڃان تائين يونين جا چڪر ڪاٽي استادن جي ارمانن خواهشن جا دشمن ۽ عظيم مقدس پيشي سان لاڳاپيل استادن جي بنيادي مسئلن جي حل ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ذاتي مسئلن ۽ مفادن لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ جا روزانو صبح کان شام تائين چڪر ڪاٽي ذاتي مفاد حاصل ڪري رهيا آهن انهن ذاتي مفاد پرست عھديدارن بصر خان کي مات ڏيڻ لاءِ نگران حڪومت انقلابي اصلاحي ۽ جمهوري عمل ادا ڪندي پ ٽ الف جي چونڊن اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪرايو وڃي ۽ عهدن توڙي يونين کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهندڙ نام نهاد کاٽو پٽ عھديدارن کي اليڪشن ۾ وڃڻ جو مفت مشورو ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته گذريل 3 سالن ۾ استاد تنظيم جي پوري پيرڊ ۾ ڪا به پ ٽ الف جي مرڪزي چيئرمين غلام رسول مهر، مرڪزي جنرل سيڪريٽري غازي خان نه ڪا استاد برداري لاءِ جدوجهد ڪئي نه ئي ڪا استاد برداري کي ڪو فائدو وٺي ڏيئي سگهيو. انهي ڪا به استاد برادري لاءِ عملي هلچل نه ڪري ڏيکاري. انهيءَ ۽ انهي جي ساٿين جي سنڌ سيڪريٽريٽ جي چوطرف جدوجهد ڪوششون رهيون. جنهن سان ڪنهن به هڪ استاد کي ڪو به فائدو نه رسي سگهيو. پوري استاد برداري پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي جي روڊن رستن تي ميدان عمل ۾ رهي پر افسوس جو موجوده مرڪزي صدر غلام رسول مهر ۽ انهي جي ڪابينا گهيري ننڊ ۾ ستل رهيا ۽ انهن پيادل احتجاجي لانگ مارچ جو ساٿ ڏيندڙن جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ پويان وار ڪيا ۽ جن پنهنجي ٽن، من، ۽ ڌن جون قربانيون ڏيندي ڪراچي جي روڊن رستن تي پاڻ ملهايو انهن جانٿاران استاد برادري جون ڊڪٽيٽرشپ طور تي نادر شاهي حڪم تحت ويتر شاباس ڏيڻ خراج تحسين پيش ڪرڻ بجاءِ انهن مجاهد استادن جون ميمبرشپ ختم ڪرڻ لاءِ مرڪزي قيادت نادر شاهي حڪم جاري ڪري دقيانوسي سوچ جو اظهار ڪري ڏيکاريو. تاريخ جي ورقن ۾ اهي قومون زنده رهنديون آهن جيڪي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ميدان ملهائينديون آهن.نگران حڪومت کي گهرجي ته فوري طور پ ٽ الف جون اليڪشن ڪرائي استادن ۾ پيدا ٿيل پريشاني دور ڪئي وڃي ۽ استاد ڪوٽا جيڪا ڪن نام نهاد ماڻهن بند ڪرائي آهي اها سن ڪوٽا، اولاد ڪوٽا ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي.آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسو سيئيشن ”پ ٽ الف“جو بنياد جان محمد جمالي حيدرآباد واري 28 نومبر1951ع ۾ وڌو.جنهن جو رجسٽرڊ نمبر 354 آهي .هن تنظيم جي عمل جو دائروسڄي سنڌ جي جاگرافي حدن اندر سڀني انتظامي يونٽن۾ قائم ڪيل تعليمي ادارن تائين پکڙيل آهي.هن تنظيم جي ڪاروباري ٻولي سنڌي هوندي پر وقت ضرورت سرڪاري ۽ ٻين صوبن جي تنظيمن سان رابطي لاءِ انگريزي ۽ اردو پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿي..مول ۽ متا.سنڌ جي سڀني پرائمري استادن ۽ استادياڻين جي معاشي، سماجي،ثقافتي،تعليمي۽ بنيادي حقن جو تحفظ ڪرڻ. سنڌ ۾تعليم عام ۽ مفت ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ،تعليم جي شرح ۽ معيار وڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ،سنڌي ادب ۽ ٻولي جي واڌاري ۽ تحفظ لاءِ ڪوشش ڪرڻ،سنڌ جي پرا.مري استادن ۽ استادياڻين ۾ فرض شناسي، تعليم نوازي،قوم دوستي ۽ خدمت جو جذبو پيدا ڪرڻ، معاشري ۾ استاد جي سماجي رتبي جي واڌاري لاءِ جاکوڙ ڪرڻ،سماجي ۽ تعليمي خدمتن ذريعي عوام سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ،پرائمري تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ سرڪار سان سهڪار ڪرڻ،سنڌ جي قومي هيرن ۽ زندگي جي مختليف شعبن ۾ معمولي ۽ قابل قدر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن جا ڏهاڙا ملهائڻ،سنڌ جي پرائمري استادن م جديد سائنسي، تعليمي ۽ تنظيمي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ شامل آهي. ميمبر شپ جا معيار ۽ شرط،سنڌ جو حاضر سروس پرائمري استاد، اٽينڊنس اسسٽنٽ، لرننگ ڪو آرڊينيٽر هن تنظيم جو ميمبر ٿي سگهي ٿو.جيڪو هيٺين معيارن ۽ شرطن تي پورو لهندو.پ ٽ الف جي آئين ۽ مقصدن سان متفق هجي.تنظيم جي مقرر ڪيل في ۽ فنڊ باقاعدگي سان ڏيندڙ هجي.پ. ٽ الف جي تنظيمي ادارن جي ڪيل فيصلن تي پابنديءَ سان عمل ڪندڙ هجي.ٻئي ڪنهن استاد تنظيم جو ميمبر يا عهديدار نه هجي. ميمبر جا حق… واسطيدار ادارن اندر بحث مباحثي ۾ حصو وٺڻ ، تجويزون ڏيڻ،اصولي تنقيد ڪرڻ ۽ ڪنهن به معاملي تي اطمينان حاصل ڪرڻ لاءِ وضاحت طلب ڪرڻ هر ميمبر جو بنيادي حق آهي.هر ميمبر کي پنهنجي بنيادي يونٽن جي چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ بنيادي يونٽ کان پٺي مرڪزي سطح جي ڪنهن به عهدي تي اميدوار بيهڻ جو حق حاصل هوندو ، بشرطيڪ ووٽ ڏيڻ ۽ اميدوار بيهڻ جي اهليت ۽ شرطن تي پورو لهندڙ هجي.الف. جوڙجڪ، ٽائون،تعلقه جنرل باڊي ،هي ادارو تنظيم جو بنيادي يونٽ هوندو آهي . جيڪو انهن سڀني ميمبرن تي مشتمل هوندو . جيڪي آئين جي آرٽيڪل 2,1موجب تنظيم جابنيادي ميمبر هوندا.ب..فرض ۽ اختيار، پاڻ منجهان ٽائون، تعلقي باڊي ( نو عهديدارن)جي ڳجهي ووٽ ذريعي چونڊ ڪندي.يونٽ،باڊي جي سالياني رپورٽ ٻڌندي ۽ ان کي منظور يا رد ڪندي. پنهنجي حد اندر استادن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺندي هن جي گڏجاڻي هرڇهين مهيني ٿيڻ لازمي آهي.هي ادارو يونٽ باڊي جي نون عهديدارن سميت 20ميمبرن تي مشتمل هوندو. باقي 11ميمبرن کي يونٽ باڊي نامزد ڪندي.صدر؛ هي تنظيم پنهنجي سطح جي ادارن جو سربراهه هوندو.پنهنجي سطح جي ادارن جي گڏجاڻين جي صدارت ڪندو ۽ ايجنڊا مطابق ٿيندڙ رٿن تي بحث جي اجازت ڏيندو .ڪنهن به رٿ تي هلندڙ بحث کي ختم ڪرائي، رايا وٺي فيصلن جو اعلان ڪندو.پنهنجي سطح جي ادارن جون دستوري، هنگامي يا خصوصي گڏجاڻيون گهرائيندو.استادن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ واسطيدار آفيسرن سان گڏجاڻيون ڪندو ۽ مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون سڀ صلاحيتون ايمانداري سان ڪتب آڻيندو.اها نظر داري رکندو ته سندس ميمبر ۽ عهديدارآئين تي عمل ڪن .آئين جي ڀڃڪڙي جي حالت ۾ کين نوٽيس ڏيندو اهڙي طرح ئي ٻيا به عهديدار پڻ تقريبن ائين ئي خدمتون ڏيندا. پريس سيڪريٽري تنظيم جي تشهير ۽ پاليسين کي عام استاد ۽ عوام تائين پهچائڻ لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو سهڪار حاصل ڪندو.جاري ڪيل اخباري بيانن ۽ پريس ڪانفرنس جي آفيس ڪاپين جو فائيل ٺاهيندو.تنظيم جي ڪنهن به اداري يا عهديدار يا خود پاران جاري ڪيل ۽ ڇپيل اخباري بيانن ۽ پريس ڪانفرنس جو ڪٽنگ فائل ٺاهيندو.تعليم،استاد ۽ پ ٽ الف سان گڏ سڌي ريت واسطو رکندڙ ۽ ڇپيل مواد محفوظ رکندو.هي تنظيم جي پبليڪيشن شعبي جو انچارج هوندو.تنظيم پاران جاري ڪيل مواد کي ڇپائڻ لاءِ ڪو ششون ڪندو.هن تنظيم ۾ ميمبر شپ، الحاق في، هنگامي فنڊ، خصوصي فنڊ، سهڪاري فنڊ،نامينيشن فارم في،سميت ٻيون فيون پڻ ٿين ٿيون.عدم اعتماد جي رٿ انهيءَ اداري ۾ پيش ڪئي ويندي جيڪو ادارو ان کي چونڊڻ جو مجاز هوندو. ڪنهن به چونڊيل عهديدار خلاف بي اعتمادي رٿ واسطيدار جنرل باڊي جي ٽوٽل ميمبرن جي هڪ ڀاڱي ٽي حصي جي ميمبرن جي تائيد ۽ صحيحن سان تحريري درخوا ست پيش ڪري سگهجي ٿي.چونڊن ٿيڻ جي تاريخ جي هڪ سال پوري ٿيڻ کان اڳ بي اعتمادي رٿ پيش نه ٿي ڪري سگهجي. پ ٽ الف جا مرڪزي صدر پهريون مرحوم سائين جان محمد جمالي ”قائد استاد“ حيدرآباد حاجي الله رکيو بلوچ ”فخر استاد“ تاجو ديرو ،قربان علي ٽانوري ،حاجي عبد الرحيم جتوئي رهيا. انهن ۽ انهي کانپوءِ جي استاد اڳواڻن استادن جي اولاد سن ڪوٽا لاءِ باقائده جدوجهد ڪوششون ڪاوشون ڪيون پر هڪ نام نهاد ٻد ذوق مرڪزي صدر جي سياهه دور ۾ استادن جي اولاد ڪوٽا تي راتاهون لڳايو ويو. جنهن کانپوءِ هاڻي ڪافي سالن کان پرائمري استادن جي اولاد کي سن ڪوٽا بند ڪئي وئي آهي. جنهن لاءِ رفيق جروار، انتظار ڇلگري، غلام رسول مهر ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوشش نه ورتي آهي ها اها ڳالهه آهي ته انهن جي اولاد مٿن مائٽن جي گهرن ۾ نوڪرين جا گهر ويٺي آرڊر اچي ويا. باقي عام استاد جي اولاد کي ڪنهن به قسم جي ڪوٽا نه ملي سگهي. پ ٽ الف جي سياست استاد ڪاز لاءِ اهي استادن جي مفادن لاءِ ته آهي پر تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ دنيا سان گڏ موجوده حالتن ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جي ڳالهه به ڪئي وڃي ٿي. پ ٽ الف جي اندر بهترين استادن سان گڏ بهترين شاگردن جي لاءِ بيسٽ ٽيچرس ۽ بيسٽ اسٽوڊنٽ کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ پنهنجي طرفان ڪوششُون وٺڻ ساراهه وارو قدم آهي.پ ٽ الف استادن کي همٿائڻ جو نالو به آهي ته گڏوگڏ استادن ۾ تعليمي سلسلا وڌائڻ نصابي ۽ غير نصابي سرگرميون عروج کي رلڻ جو نالو به پ ٽ الف آهي. پ ٽ الف رڳو احتجاجن بک هڙتالن ۽ ڌرڻن جو نالو ناهي پر هو مختلف قسمن جا تعليمي سلسلا، سر گرميون جاري رکندا آيا آهن.اهي ئي استاد نه رڳو جنرل اليڪشنن جون ڊيوٽيون ڪن ٿا پر اهي ئي استاد جيڪي سماج جو نمايان هڪ اعلي رتبو رکڻ وارا استاد آهن جنهن کي پيغمبري پيشي سان مشابهت مليل آهي اهي ئي استاد آدمشماري جون ڊيوٽيون به ڪن ٿا ته وري پوليو جا ڦڙا به معصومن کي پيارين ٿا گهر شماري به ڪن ٿا ته وري انهن ئي استادن کي وري عجيب انداز ۾ ڪي تنقيد براءِ تنقيد جو نشانو به بڻاين ٿا.شايد انهن دوستن کي معلوم ناهي ته استاد ئي ته آهي جنهن جي ڪري اڄ وڏن عهدن وارا ماڻهو آرڊر هلائي رهيا آهن ۽ اهي جيڪڏهن اڄ پنهنجو ماضي وساري ويهي رهن ته پوءِانهن لاٰءِ ِڇا چئي سگهجي ٿو؟ استاد جي عظمت لاءِ مولا علي سائين مشڪل ڪشا رضي الله تعالي عن فرمايو آهي جنهن جو مفهوم آهي ته جنهن مون کي هڪ اکر حرف به پڙهايو آهي پوءِ هو مون کي غلام رکي يا ازاد ڪري . اندازو ڪريو ته ڪيڏي وڏي عاليشان مرتبي واري شخصيت آهي.پر پنهنجي استاد لاءِ غلام وارو انداز رکڻ عاجزي انڪساري جي انتها چئي سگهجي ٿي.اڄ استاد مٿان تنقيد ڪندڙ ماڻهو اهو ڇو وساري ويٺو آهي ته هو ڪهڙي صدي ۾ هلي رهيو آهي. پ ٽ الف هڪ نه پر ڪيترا دفعا وڏي واڪي اعلان ڪري چڪي آهي ته بند پيل اسڪول کو لائڻ لاءِ حڪمرانن کي نيڪ نيت، مخلص تعليم دوست ٿيڻو پوندو.ا.سان پ ٽ الف وارا اهو پڻ چئون ٿا ته گوسڙو ملازم ڪٿي به هجي اهو اداري لاءِ ناسور کان گهٽ ناهي ۽ گوسڙو ملازم آفيسرن جي آشيرواڌ کان سواءِ نٿو هلي سگهي.ان۾ خود اهي وڏا هٿ ملوث ئي آهن جيڪي آءِ ڊيون ،سروس بوڪ ،رٽائر، مينٽون، سرٽيفڪيٽ، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙن جا ڪاغذات جعلي ٺهرائي هيرا ڦيرا ڪن ٿا ان ۾ سڄي چين آهي جيڪي پاڻ سڀ اگهاڙا آهن پر پوءِ به استاد ن مٿان ڪوڙا الزام هنيا ٿا وڃن.هاڻي مجرم ئي منصف ٿين ته پوءِ ڇا چئي سگهجي ٿو.استادن جي چونڊن ۾ استاد گهر گهر وڃي ووٽ لاءِ ايلاز منٿون تي ڪري رهيا آهن انهيءِ لاءِ ائين به آهي تي وري ڪٿي سينئر استاد اڳواڻ جوڙ توڙ ۾ به مصروف آهن تي ڪيئن ڪٿي ووٽ وٺجي.يونٽن مان ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪجي.اهو سلسلو اليڪشن جي ڏينهن تائين جاري رهندو آهي.سنڌ جي استادن جي منشور ۾ هي ڳالهه واضح آهي ته تعليم جي بهتري لاءِ تعليمي سيمينارڪرائي،استادن۽ شاگردن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ جذبو پيدا ڪرڻ،هر تعليمي سال دوران شاگردن ۾ چٽاڀيٽيءَ ذريعي اهليت جي بنياد تي شاگردن ۽ استادن کي ميرٽ تحت ايوارڊ ڏيڻ، بند پيل اسڪول استادن ۽ انتظاميه جي سهڪار سان کولرائي ٻارڙن کي تعليم جي زيور سان سنواري قومي فرض ادا ڪرڻ. استادن جي جان مال ۽ عزت جو مڪمل تحفظ ڪرڻ،پ ٽ الف کي حقيقي روپ ۾ آڻي آئيني روح موجب هلائڻ ۽ پرائمري استادن کي آئين کان باخبر ڪرڻ واسطي هر هڪ اسڪول ۾ ائين جي ڪاپي فراهم ڪرڻ،تعليمي ادارن مان سياسي مداخلت جو خاتموآڻڻ ۽ انتظامي ڪارواين تحت ٿيل ناانصافين جو ازالو ڪرڻ،استادن جي اولاد لاءِ سن ڪوٽا ،ڊاٽر ۽ فوتي ڪوٽا جي حاصلات لاءِ عملي جدوجهد ڪرڻ،فيميل ٽيچرس جي پگهارن جو مڪمل تحفظ ڪرڻ ڪنهن به ڪاٽ ڪوٽ کي ٻنجو ڏيڻ،سال ۾ هڪ دفعو تفريحي الائونس حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ،بينيوولنٽ فنڊ ڊپٽي ڪمشنر بجاءِ ڊائريڪٽر آف ايجو ڪيشن ذريعي استادن کي وٺي ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ، سروس دوران فوت ٿيندڙ استادن جي وارثن جي مالي سهائتا ڪرڻ لاءِ جنرل باڊي کان فيصلو وٺي ان مطابق مالي مدد ڪرڻ سميت ڪيترا ئي مسئلا آهن جن لاءِ حڪومت آڏو مطالبا رکڻ آهي. هر هڪ سرڪاري اداري لاءِ پنهنجي برداري جي تحفظ لاءِ يونين هوندي آهي اهڙي طرح استاد برادري جي تحفظ لاءِ به پ ٽ الف خالص استادن جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اچڻ گهرجي. تعليم کاتي کي هڪ حقيقت پسندانه سوچ جو مظهر هجن کپي، تعليم کي ڪاروبار نه پر عبادت طور آندو وڃي، استادن کي قومي فرض ادا ڪندي پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ادا ڪرڻ گهرجي.
