تشدد يا خود ڪشي، ناري اسپتال داخل، والد جو احتجاج

ڏهرڪي(قادر خان جٽ) ڳوٺ سائين ڏنو ملڪ ۾ 21سالن جي شادي شدہ عورت مقصودان کي سهرن پاران مبينا طور  تشدد ڪري مارڻ لاءِ ڪارو پتھر پياري ڇڏيو، اطلاع تي پاڙي وارن پهچي کيس سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو. ناري جي والد عبدالرشيد ملڪ الزام هنيو ته سهرن پاران ناري مقصودان کي مبينا تشدد ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، تشدد ڪرڻ بعد ناري کي ڪارو پٿر پياري خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هن ٻڌايو ته نورحسن ملڪ ۽ ان جي پٽ گهرو اڻبڻت جو جواز ڄاڻائي منهنجي ڌيءَ مقصودان مٿان روز تشدد ڪندا هئا. هو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي شيخ زيد اسپتال ۾داخل آهي، ڏهرڪي پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ليڪن ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي وئي،ناري جي پيءُ ايس پي گهوٽڪي کان نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو