استنبول(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ليکڪ ۽ شاعر امجد اسلام امجد کي ادبي خدمتن جي مڃتا طور ترڪي جو نجيب فاضل انٽرنيشنل ڪلچرل اينڊ آرٽ ايوارڊ ڏنو ويو. استنبول ۾ منعقد تقريب ۾ کيس ايوارڊ ڏنو ويو، تقريب ۾ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان به شريڪ ٿيو. جنهن چيو ته امجد اسلام امجد جديد اردو ادب جو مهان نالو آهي. امجد اسلام امجد ترڪي جي حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستاني ترڪن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهن ٿا. ترڪي جي اسٽار اخبار ترڪي جي ثقافت واري وزارت سان گڏ ترڪي جي نامياري شاعر نجيب فاضل جي ادبي پورهئي کي مان ڏيڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي. ترڪي ۾ پاڪستاني سفير سائرس قاضي به موجود هو جنهن چيو ته ترڪي پاران امجد اسلام امجد کي ايوارڊ ڏيڻ سندس ادبي خدمتن جو عالمي اعتراف آهي.
