تازي اسرائيلي هوائي حملي ۾ 35 فلسطيني شهيد

غزه(ويب ديسڪ) بي گهر ٿيل فلسطينين ۽ زخمين لاءِ رفح ۾ مخصوص ڪيل علائقي ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ 35 فلسطيني، جن ۾ اڪثر يت عورتن ۽ بارن جي آهي، مارجي وي آهن. فلسطيني صحت ۽ سول ايمرجنسي سروس جي اهلڪارن چيو آهي ته اسرائيلي هوائي حملن ڪيترائي بي حال شهري زخمي ٿي پيا آهن. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي هوائي فوج رفح ۾ حماس جي هڪ ڪمپائونڊ کي نشانو بڻايو ۽ اهو حملو ”عمده بارود ۽ درست انٽيليجنس جي بنياد تي ڪيو ويو. غزه ۾ صحت واري وزارت جي ترجمان اشرف القدرا جو چوڻ آهي ته حملي ۾ 35 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻار ن جي آهي. حماس اڳواڻ سميع ابو زهيري حملي کي قتل عام قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي آهي. اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ 36 هزار کان وڌي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو