تارڙ  جي پي آءِ او  سان سندس والد جي وفات تي تعزيت،فاتحه خواني

تارڙ جي پي آءِ او سان سندس والد جي وفات تي تعزيت،فاتحه خواني

پشاور (ويب ڊيسڪ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پي آءِ او مبشر حسن جي گهر پهچي سندس والد جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي.ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ اقبال ظفر جهڳڙا ۽ اختر ولي خان به ساڻس گڏ هئا. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پي آءِ او مبشر حسن ۽ ٻين گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وفاقي وزير چيو ته والد عظيم نعمت آهي، سندس وفات ڪنهن وڏي سانحي کان گهٽ ناهي، مرحوم جي وفات سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه ويندو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. آمين\932

پهنجو تبصرو موڪليو