خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ ڌرتي تي اڄ کان ھزارين سالن کان مختلف دورن ۾ ظلم زيادتيون ٿينديون رھيون آھن ۽ سنڌ جي باشعور ان کي ان وقت ۽ حالتن تحت حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۔جھوڪ جي عظيم سوشلسٽ تحريڪ جو کيڙي سو کائي کان شروع ٿيل مزاحمت مختلف روپن ۾ ھلندي ٿي اچي ان ۾ ڪافي ڏکيا موڙ به آيا ۔شھيدن جا قبرستان به ٺھيا پر اھي مزاحمتون نه رڪيون ۔اھا سنڌ جي خوشقسمتي آھي جو دنيا جا اھم واقعا اھم نظرين جو جنم سنڌ ۾ ٿيو ۔سنڌ ۾ ئي پھرين سوشلسٽ نظرئي جنم ورتو ۽ سنڌ ۾ ئي دنيا جي مشھور گوريلا جنگ جي شروعات حر تحريڪ کان ٿي جيڪا پوء پوري دنيا جي مظلوم محڪوم قومن جي جنگ بڻجي مشھوري ماڻي ۽ چي گويرا جي صورت ۾ نمودار ٿي ڪري مزاحمت جو اھڃاڻ بڻي ۔سنڌ تي ڪاھون سنڌ جي جاگرافيائي جوڙجڪ کي ختم ڪرڻ واضح رھي سنڌ جون جاگرافيائي حدون ڪمون شھيد کان اڳتي ملتان تائين ھيون ۔ٿرپارڪر کان اڳتي جيسلمير گجرات ڪڇ ڀڃ سنڌ جا علائقا ھئا ۔جن کي ڪٽي ڌار ڪري سامراجي آقائن کي خوش ڪيو ويو۔سرحدون ٺاھي انسان جي سوچ کي به محدود ڪيو ويو ته ڪوبه ان کان ٻاھر ٿي نه سوچيندو ۽ نه ئي لوچيندو ۔سامراجي نظام معاشري ۾ ايترا ته طبقا ٺاھي ڇڏيا جو انسان انھن ۾ ئي جڪڙيل رھي ان جي سوچ ۽ سمجھ جي صلاحيت کي ختم ڪيو ويو ۽ پنھنجو نظام انھن تي مسلط ڪيو ويو۔جئين ڪوبه ظلم بربريت خلاف آواز بلند نه ڪري جئين ھاشماڻي صاحب لکندو آھي ڪڇان ته ڪافر جھڙي صورتحال پيدا ڪئي وئي آھي ۔ڪوبه ھن نظام خلاف رياست ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف نه ڳالھائي نه لکي ٻي صورت ۾ ان جو انجام موت ئي آھي ۔انھي ھوندي به ان ظلم خلاف عوام آواز اٿاريو قلم ھلايو ۔سفر اڻانگو اونداھي رات ۾ سوين ڪونڌر ڪسجي ويا ۔ھزارن جي تعداد ۾ کنڀجي ويا ڪن جا ته مسخ ٿيل لاش مليا ته ڪي وري اڃان تائين لاپته آھن ۔پوء به اھو ڏکيو سفر جاري آھي ۔مزاحمت جاري آھي آدم جو اولاد پنھنجي ڪرت ھابيل ۽ قابيل واري روش ڪونه ٿو ڇڏي ۔قلم کي به ڪٽيو ۽ ڪچليو ويو سچ لکندڙن کي سولي تي لٽڪايو ويو ۔خبر به آھي سچ وڏو ڏوھاري آھي روز ازل کان پڪڙيو ويو آھي ڳولي ڳولي ماريو ويو آھي ان ھوندي به سچ لکون ٿا سچ ڳالھايون ٿا ۔مخدوم بلاول منصور حلاج سرمد شاه عنايت جا واقعا اسان جي آڏو آھن تاريخ جا صفحا ظلم زيادتين سان ڀريا پيا آھن ۔شان ڏھر اصغر کنڊ جان محمد مھر ۽ ٻيا ڪيترائي انھي سفر ۾ قرباني ڏيئي ھميشه لاء امر ٿي ويا ۔ظلم ۽ زيادتين جي خلاف ناظم جوکيو جو پڙاڏو اڃان به گونجي رھيو آھي ۔اسان جي ساھوارن جانورن کي نه ماريو اسان جي ماحوليات کي بچايو ۔صدين تائين اھي صدائون ھلنديون رھنديون جيستائين ان نظام جو خاتمو ڪونه ٿو ٿئي ۔ظلم جي ڪاري رات ختم ڪونه ٿي ٿئي وڏيرن پيرن جاگيردان جن کي انگريز سرڪار پنھنجي مفاد لاء استعمال ڪرڻ لاء پنھنجا پير ھن ڌرتي تي پختا ڪرڻ لاء وڏيون وڏيون جاگيرون ڏيئي مضبوط ڪري ويو ۔جن جا بنياد جابلو پٿرن تي آھن جن کي لوڏڻ ۽ ٽوڙڻ اڄوڪي دور ۾ ناممڪن نظر اچي ٿو انھي ئي سامراجي طبقي پنھنجون جاگيرون بچائڻ لاء رياست سان ملي ڪري انھن جي خلاف ٿيندڙ ھر آواز کي دٻايو آھي ۔۽ اھي رياست جا ٿنڀ بڻجي عوام جو رت چوسي رھيا آھن ماس پٽي کائي رھيا آھن ۔۽ انھي مدھوشي ۾ڪونه ٿا ڏسن ڪا مائي ڦاپي آھي ۽ فاطمه ڦرڙو آھي جيڪا بک جي علامت بڻجي روزگار ۽ ماني ڳڀي لاء پنھنجو پاڻ ارپي ڇڏي ٿي جنھن جو صلو ان جي موت جي بدلي ملي ٿو ۔اھڙا سوين واقعا ھن ڌرتي تي رونما ٿين ٿا پر اتي قلم ۽ علم ڪونه ٿو پھچي ته ان جو ڪوبه داد فرياد ڪونه ٿو ٿئي ۔اڄ به سون جي تعداد ۾ بيڪس مجبور عورتون پنھنجن ئي وٽ قيد آھن ظلم و سمت جي بازار گرم آھي ڪاري ڪري ماريو وڃن ٿيون ۔سنڌ ۾ صدين کان رائج ٿي پنھنجو پاڻ ۾ شادي جي ڪڌي رسم ڏي وٺ ڪرڻ جي ڪري ٻه سکيا ستابا گھر تباه ٿي ويندا آھن اھڙا واقعا ته ھاڻي روز جو معمول بڻجي چڪا آھن ۔انھن جو سدي باب ڪئين ممڪن آھي .اھڙا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آھن ۔سياسي پارٽيون پنھنجي نظرئي تان ھٽي ڪري مفاد پرستي جي چڪر ۾ ڦاسي پيون آھن ۔معاشي مسئلي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي ۔سامراجي سازشون رياست تي قابض ٿي چڪيون آھن انھن جا بنياد ايترا ته مضبوط ٿي چڪا آھن جو انھن کي ڪافي عرصي تائين ڪونه لوڏي ڪونه ٿو سگھي ۔احتجاج مظاھرا به پارٽ ٽائيم ٿي ويا آھن جن کي به رسمي طور تي پورو ڪيو وڃي ٿو..
