بيگم نسيم ولي خان لاڏاڻو ڪري وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي اي اين پي  جي اڳواڻ تحريڪ خان عبدالولي خان جي گهر واري بيگم نسيم ولي خان لاڏاڻو ڪري وئي.اي اين پي جي اڳوڻي صوبائي صدر بيگم نسيم ولي خان جي گهر ڀاتين ان جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته بيگم نسيم ولي خان شوگر ۽ دل جي بيماري ۾ مبتلا هئي. بيگم نسيم ولي خان اي اين پي جي اڳواڻ تحريڪ خان عبدالولي خان جي گهر واري هئي ۽ هو 3 ڀيرا صوبائي اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي چڪي هئي. اي اين پي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بيگم نسيم ولي جي جنازي جي نماز اڄ شام 6 وڳي ولي باغ چارسده ۾ ادا ڪئي ويندي.ياد رهي ته بيگم نسيم ولي جي مڙس ۽ پاڪستان جي مشهور سياستدان خان عبدالولي خان جو لاڏاڻو 26 جنوري 2006ع تي پشاور ۾ ٿيو هو هو 11 جنوري 1917ع تي ضلعي چارسده جي علائقي اتمان زئي ۾ پيدا ٿيو هو.  بيگم نسيم ولي خان جي پيدائش ۽ پرورش هڪ سياسي گهراڻي ۾ ٿي. سياست ۾ هو 1975ع ۾ ان وقت سامهون آئي جڏهن ان جي مڙس ۽ پشتون قوم پرست پارٽي نيشنل عوامي پارٽي(اين اي پي) جي صدر ولي خان کي گرفتار ڪيو ويو ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ان جي پارٽي مٿان پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي.ڪجهه سياسي اختلافن سبب بيگم نسيم ولي 2015 ۾ عوامي نيشنل پارٽي(ولي) جي نالي سان پنهنجي سياسي پارٽي جي شروعات ڪئي هو پنهنجي پارٽي ٺاهيندڙ چارسده جي پهرين پختون آهي هو هميشه چونڊ عمل ۾ عورتن جي سياسي شموليت جي مضبوطي حامي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو