بول ٽي وي جو اينڪردوست سميت قتل، قاتل زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بول ٽي وي جي اينڪرپرسن مريد عباس ۽ سندس دوست فائرنگ ۾ قتل ٿي ويا. مريد عباس دوستن سان خيابان بخاري ۾ ويٺل هو ته مٿس ڪار سوارهٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مريد عباس ۽ خضر حيات نالي شخص مارجي ويا. ڊي آءِ جي شرجيل کرل مطابق ذاتي ڏيتي ليتي جي معاملن تان کيس قتل ڪيو ويو. پوليس سندس قاتل جي گهر تي ڇاپو هنيو ته هن پاڻ کي پيٽ ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سنڌ جو وڏو وزير جيڪو ايران جي دوري تي آهي، تنهن چيف سيڪريٽري کان فون تي تفصيل ورتا ۽ضروري هدايتون ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو