بنا مقابلي چونڊيل چيئرمين جي چونڊ ڪالعدم قرار

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران خانڳڙهه ٽائون ڪميٽي جي بنا مقابلي چونڊيل چيئرمين واري چونڊ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران گھوٽڪي ضلعي جي تعلقي خانڳڙهه جي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين احمد علي مهر پاران خالي ڪيل سيٽ تي ٻيهر چونڊ ڪرائي ديوان پالاج مل کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرائي ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. جنهن کي عدالت سڳوري رد ڪندي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين جي چونڊ ٻيهر ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پاران اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي 17 آڪٽوبر تي واسطيدار ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو