بل گيٽس ٻيهر دنيا جو امير ترين شخص قرار، جيف بزوز ٻئي نمبر تي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) دنيا جي ڪاروبار ي سرگرمين بابت خبرون ڏيندڙ آمريڪي اداري بلوم برگ جي تازي جاري ڪيل لسٽ موجب مائيڪرو سافٽ جي مالڪ بل گيٽ کي دنيا جو امير ترين شخص قرار ڏنو آهي. ان کان اڳ هڪٻئي اقتصادي جريدي فوربز سيپٽمبر ۾ جاري ڪيل لسٽ ۾ ايمازون جي مالڪ  جيف بزوز کي دنيا جو امري ترين شخص قرار ڏنو هو. فوربز جي رپورٽ ۾ آمريڪا جي امير ترين ماڻهن جي لسٽ موجب جيف بزوز جي ملڪيت جو اندازو 114 ارب ڊالر لڳايو ويو هو ۽ ٻڌايو ويو هو ته هو دنيا جو امير ترين شخص هو. ان لسٽ ۾ بل گيٽس کي 104 ارب دالر جي مالڪ هئڻ سبب ٻئي نمبر تي رکيو ويو هو. ليڪن هاڻي بلوم برگ جي رپورٽ ۾ بل گيٽس کي پهرين ۽ جيف بزوز کي ٻئي نمبر تي رکيو ويو آهي. بل گيٽس کي گذريل چند هفتن دوران ٿيل آمدني ۾ اضافي سبب سندس دولت 110 ارب ڄاڻائي وئي آهي. جڏهن ته جيف بزوز جي ملڪيت ۾ گهٽتائي سبب سندس دولت 109 ارب دالر ڄاڻائي وئي آهي. ٽئين نمبر تي فرانسيسي شخص برنارڊ ارنالٽ کي رکيو ويو آهي جنهن جي دولت 103 ارب ڊالر ٻڌائي وئي آهي. فيسڪ بوڪ جي باني مارڪ زڪربرگ بلوم برگ جي لسٽ ۾ پنجين نمبر تي امير ڄاڻائيندي سندس دولت جو اندازو 74 ارب 50 ڪروڙ ڊالر ٻڌائي وئي آهي.

فيس بوڪ جو مالڪ زڪر برگ

گوگل جي شريڪ باني ليري پيج هن لسٽ ۾ ستين نمبر ۽ سندس پارٽنر سرگي برن اٺين نمبر تي آهي. دنيا جي 10 امير ترين ماڻهن مان 8 آمريڪي ۽ 2 يورپي شهري شامل آهن. دنيا جو ڇهون امير ترين شخص اسپين جو شهري آهي. دنيا جي 10 امير ترين ماڻهن ۾ 56 ساله عورت جوليا مارگريٽ فليشر دنيا جي 10 هين امير ترين شخصيت ۽ دنيا ۾ سڀني عورتن ۾ امير ترين دنيا جي عورت ڳڻائي وئي آهي. چيني ڪمپني علي بابا جي مالڪ جيڪ ما کي دنيا جو 19 هون امير ترين شخص ۽ ڀارت جو مڪيش امباڻي کي دنيا جو 14 هون امير ترين شخص قرار ڏنو ويو آهي. دنيا جي 100 امير ماڻهن جي هن لسٽ ۾ 4 ڀارتي شهري شامل آهن، جڏهن ته وچ اوڀر مان صر سعودي عرب جو واحد شهزادو الوليد بن طلال کي هن لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جيڪو 98 نمبر تي آهي. ياد رهي ته بلوم برگ جي هن لسٽ ۾ انهن ماڻهن جا نالا آهن جن وٽ 13 ارب دالر کان وڌيڪ ملڪيت آهي، الوليد بن طلال وٽ 14 ارب ڊالر کان وڌيڪ ملڪيت آهي. هلندڙ مهيني جي ابتدا ۾ اها رپورٽ سامهون آئي هئي ته دنيا ۾ سياسي هلچل سبب امير ترين ماڻهن کي 500 ارب دالر جو نقصان ٿيو آهي.  رپورٽ ۾ اهو واضح نه هو ته ڪهڙا ماڻهو ان ۾ شامل آهن يا جيف بزوز به انهن ۾ شامل آهي يا نه.

پهنجو تبصرو موڪليو