بلوچستان: ترجمان ۽ ڪوارڊينيٽرز فارغ ڪرڻ جو حڪم

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو تاريخي فيصلو سامهون آيو آهي، عدالت صوبائي سرڪار جي ٻن ترجمانن ۽ وڏي وزير جي 26 ڪوآرڊينيٽرز جي مقرري کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو،چيف جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس عامر رانا تي ٻڌل بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو،درخواست گذار عبدالصادق خلجي ايڊوڪيٽ مقررين کي چئلينج ڪيو هو،عدالت بلوچستان حڪومت جي ترجمانن فرح عظيم شاهه، بابر يوسفزئي ۽ 26 ڪوآرڊينيٽرز کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو،عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته حڪومت جي ترجماني ۽ ڪوآرڊينيشن لاءِ چونڊيل نمائندا ۽ اسيمبلي ميمبرز موجود آهن،عدالت چيو ته چونڊيل نمائندن جي موجودگي ۾ ترجمانن ۽ ڪوآرڊينيٽرز جي مقرري غير قانوني آهي،هاءِ ڪورٽ پاران حڪومتي ترجمانن ۽ ڪو آرڊينيٽرز کان آفيسن سميت سموريون سهولتون واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو