بلاول پاران ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي تي شھباز کي واڌايون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان خوشاب جي ضمني چونڊ ۾ ڪاميابي تي شهباز شريف کي واڌايون، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ضمني چونڊن ۾ اپوزيشن جي لڳاتار ڪاميابين مان ثابت ٿيو ته عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عوام پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري عمران خان جي عوام دشمن پاليسيز خلاف فيصلو ٻڌائي رهيو آهي، نواز ليگ جي صدر شهباز شريف پارٽي جي ڪامياب اُميدوار کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته خوشاب جي عوام اٽي ۽ کنڊ چورن کي رد ڪري ڇڏيو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته هاڻي رڳو نواز شريف رهجي ويو آهي، ٻيا سڀ مائينس ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو