بلاول جي ڪورآڊينيٽر جو والد لاڏاڻي ڪري ويو،آصفه جي تعزيت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ۽ ميڊيا سيل بلاول هائوس جي ميمبر عثمان غازي جي گهر پهتي ۽ سندس والد تاج محمد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.آصفه ڀٽو زرداري مرحوم جي وارثن سان ملاقات ڪري فاتحه خواني ڪئي ۽ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان سان گڏ آهيان، ان موقعي تي پ پ چيئرمين جو پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ سي اي سي ميمبر جميل سومرو ۽ وومين ڊولپمينٽ واري صوبائي وزير شهلا رضا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو