بلاول جي مانڊوي والا،فرحت الله بابر ۽ يوسفزئي سان تعزيت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم ماونڊوي والا سان سندس نوجوان پٽ جي وفات، سينيٽر فرحت الله بابر جي ڀاءُ ارشاد الله بابر ۽ سينئر صحافي رحيم الله يوسفزئي سان سندس گهرواري جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هن مرحومين جي روح کي جنت نصيب ڪرڻ جي ڌڻي در دعا ڪندي چيو ته خدا سندن وارثن کي صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏي. ياد رهي ته بلاول ڀٽو آچر تي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت دوران آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جو جائزو وٺڻ لاءِ رضا رباني جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو