بس ۾ اجنبي عورت کي چمي پائيندڙ مولوي کي ڪٽڪو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملتان کان اسلام آباد ويندڙ بس ۾ عورت جي جسم تي هٿڙا ڦيريندڙ مولوي کي ڪٽڪي واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. بس ۾ پنهنجي اڳ واري سيٽ تي ويٺل عورت جي ٽنگن، پاسن ۽ ڪنڌ تي چور چوري هٿ ڦيريندڙ ، هٿ کان وڏي ڏاڙهي واري مولوي جڏهن عورت جو رد عمل نه ڏٺو ته هن سمجهو ته مائي ٺهي وئي آهي. 5 ڪلاڪن جي سفر بعد مولوي عورت جي پوتي لاهي کيس چمي ڏني ته عورت ڪاوڙ مان اٿي کيس ٿڦڙون هنيون ۽ بس م هنگامو برپا ڪيو. سڀ مسافر متوجه ٿيا ۽ سڀني مولوي کي ٿڪ بجو ڪيو. عورت کيس منهن ۾ چماٽ هڻندي چيو ته ٻڏي نٿو مرين بي شرم معافي وٺ ته مولوي هٿ ٻڌي کانئس ٽي ڀيرا معافي ورتي. ٽوئٽر تي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد عجيب تبصري بازي شروع ٿي وئي. سدره نالي هڪ عورت لکيو ته شڪل ۽ ڪپڙن مان ته مهذب ۽ نمازي ملو ٿو نظر اچي پر حرڪتون حرامزادن واريون اٿس. هڪ همراهه لکيو ته سندس ڏاڙهي پٽي کيس بيعزتو ڪجي ها.

پهنجو تبصرو موڪليو