برهماڻي برادري جو سردار جي حق ۾ احتجاجي مظاهرو

خيرپور ناٿن شاھ(وفا معشوق علي کوکر) ايس ايس پي ڄامشورو ڪمپلين برانچ جي انچارج جان محمد برھماڻي جي ميڊيا ٽرائل خلاف برھماڻي برادري جو مارچ ڌرڻو، ايس ايس پي جان محمد برھماڻي جي ميڊيا ٽرائل خلاف برھماڻي برادري جي ماڻھن رئيس قربان برھماڻي رئيس غلام حيدر برھماڻي مير سردار برھماڻي پرويز برھماڻي ۽ ٻين پاران بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪري ڌرڻو ھنيو ان موقعي رئيس قربان برھماڻي ۽ رئيس غلام حيدر برھماڻي چيو ته ڪالھ جمع ڏھاڙي تي  سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي عنايت ڀرڳڙي پاران اسان جي برھماڻي برادري جي چيف سردر ۽ ايس ايس پي ڄامشورو جي ڪمپلين سينٽر جي انچارج سردار جان محمد برھماڻي خلاف ميڊيا ٽرائل ڪري ڪريل حرڪت ڪئي جنھن جي اسين سخت لفظن مذمت ڪيون ٿا اسين ميڊيا ٽرائل ڪندڙن کي ميڊيا ٿورو چئون ٿا ت اسان جي سردار خلاف پروپنگنڊا ميڊيا ٽرائل بند نه ڪئي وئي ت اسين سندن ھاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين ۽ سموري سنڌ اندر برھماڻي برادري احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو