بحريه ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه سان متاثر ٿيندڙن جي مدد ڪبي،سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)تعليم جي صوبائي وزير سعيد غني بحريه ٽائون پهچي گذريل ڏينهن ٿيل ڀڃ ڊاهه ۾ متاثر جاين جو دورو ڪيو ۽ متاثرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر راجا عبدالرزاق ، ساجد جوکيو ، سليم بلوچ ، لياقت آسڪاڻي ۽ سلمان مراد پڻ موجود هئا. هن نقصان پهتل ملڪيتن جي مالڪن سان ملاقات ڪئي ۽ واقعي جا تفصيل ورتا. ان موقعي تي سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت واقعي بابت مڪمل ۽ غيرجانبداراڻي جاچ ڪندي ۽ واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت متاثرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي يقين ڏياري ٿي ته ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ملڪيتن کي پهتل نقصانن جو به ڪاٿو لڳائي متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو