بجيٽ شاگردن جي فائدي لاءِ استعمال ڪيو وڃي: نديم ميمڻ

بجيٽ شاگردن جي فائدي لاءِ استعمال ڪيو وڃي: نديم ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري نديم ميمڻ اڄ ڪراچي ۾ واقع تاريخي ڊي جي سائنس ڪاليج جو دورو ڪيو، جتي کيس ڪاليج جي تعليمي سهولتن، ڪلاس رومز، لائبريري ۽ عملي ليبارٽرين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سيڪريٽري ڪاليجز ڪاليج جي انتظامي ۽ تعليمي سهولتن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن سميت ڪاليج جي عمارت جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ هدايت ڪئي ته ليبارٽري اوزارن ۽ مجموعي انفراسٽرڪچر جي سار سنڀال ۽ بهتري کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شاگردن لاءِ معياري تعليم ۽ علمي معيار جي واڌاري کي هٿي ملي سگهي. ان موقعي تي ڊي جي ڪاليجز سنڌ، ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي، چيف انجنيئر، ڊائريڪٽر (ڊولپمينٽ) ۽ لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا. سيڪريٽري نديم ميمڻ ڪيمسٽري، فزڪس، حياتيات، ڪمپيوٽر ۽ ٻين سائنسي ليبارٽرين جو پڻ جائزو ورتو ۽ شاگردن جي عملي تجربن جو سڌو سنئون مشاهدو ڪيو. هن ڪاليج انتظاميا کي هدايتون ڏنيون ته ڪاليج جا سڀئي شعبا صاف، منظم ۽ فعال رکيا وڃن. ليبارٽرين کي جديد ۽ عملي تجربن لاءِ مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي ته جيئن شاگرد نصابي تعليم سان گڏ عملي مهارتون به حاصل ڪري سگهن. سيڪريٽري نديم ميمڻ چيو ته عملي تعليم سائنسي تعليم جو لازمي حصو آهي ۽ شاگردن جي سائنسي سوچ ۽ مهارتن جي واڌ لاءِ ضروري آهي ته ليب ورڪ ۽ عملي تجربن کي مڪمل ترجيح ڏني وڃي. ان موقعي تي سيڪريٽري ڪاليجز ڪاليج ۾ تازو فراهم ڪيل بجيٽ جي استعمال تي به روشني وڌي ۽ چيو ته مهيا ڪيل بجيٽ شاگردن جي فائدي لاءِ استعمال ڪئي وڃي. هر شيءِ جو احتساب ٿيندو. تعليم بنيادي حق آهي. شاگردن جي تعليم لاءِ جديد اوزار، ڪيميڪلز، حفاظتي سامان، ڪمپيوٽر ۽ سائنسي ساز سامان استعمال ڪيا وڃن. سڀني شعبن ۾ تدريسي معيار کي بهتر بڻايو وڃي. سيڪريٽري نديم ميمڻ ڪاليج انتظاميا کي هدايت ڪئي ته شاگردن جي عملي تعليم سان گڏ حفاظتي قدمن کي به مڪمل ڪيو وڃي ۽ هر ليبارٽري ۾ حفاظتي سامان جي موجودگي يقيني بڻائي وڃي. سيڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ شاگردن سان به ملاقات ڪئي ۽ انهن کان راءِ ورتي ته هو ليب ورڪ ۽ عملي تعليم مان ڪيترو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، جنهن سان شاگردن ۾ حوصلا ۽ سکڻ جو جذبو وڌيڪ وڌيو. سيڪريٽري نديم ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڊي جي سائنس ڪاليج کي صوبي جي ٻين ڪاليجن لاءِ هڪ مثالي اداري طور پيش ڪيو ويندو، جتي بجيٽ جو شفاف ۽ مؤثر استعمال ڪندي تعليم، عملي تربيت ۽ ليب ورڪ کي وڌيڪ فعال بڻايو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو