بجلي جي ڪرنٽ ۾ نينگر فوت ، هڪ زخمي

سيٺارجا(سجاد ڪٻر) سيٺارجا شهر ڀرواري ڳوٺ ۾ بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ هڪ نينگر فوت هڪ پنجاب واسي نوجوان شديد زخمي ، اسپتال خبر موجب سيٺارجا ويجهو شاهه بيگ راڄپر ۾ گهر ۾ لڳل بجلي جو بورڊ مان اوچتو ڪرنٽ لڳڻ سبب 12 سالا نينگر خان محمد عرف ڪراڙو ولد گلبهار راڄپر موقعي تي فوت ٿي ويو واقعي سبب گهر ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو ٻئي طرف سيٺارجا شھر جي بند پيل دادا ڪاٽن فئڪٽري جي ھڪ عمارت جي ڇت تي ڪم ڪرڻ دوران مٿان گذرندڙ 11 ھزار وولٽ جي تارن مان اوچتو ڪرنٽ لڳڻ سبب لاھور جو رھواسي مزدور ناصر حسين شديد زخمي ٿي پيو جنھن کي نازڪ حالت ۾ گمبٽ اسپتال داخل ڪرايو ويو آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو