باپ جو ايندڙ عام چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو فيصلو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان عوامي پارٽي ايندڙ عام چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.بلوچستان عوامي پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو جي صدارت هيٺ سينيئر قيادت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي، پارٽي چيف آرگنائيزر ۽ بلوچستان جي صوبائي اسپيڪر مير جان محمد جمالي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ نگران سيٽ اپ جوڙڻ ۽ پارٽي جي تنظيمي معاملن تي به غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بلوچستان عوامي پارٽي عام چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺندي، ٽڪيٽن جي ورڇ لاءِ جلد پارلياماني بورڊ قائم ڪيو ويندو.اجلاس ۾ پارلياماني بورڊ جي قيام سميت ٻين پارٽي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ 26 جولاءِ تي ڪوئيٽا ۾ پارٽي اجلاس منعقد ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو