باهه لڳل ويگن چڏي فرار ٿيل ڊرائيور گرفتار، هڪ وڌيڪ زخمي فوت

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ) ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمور ٽول پلازا وٽ ويگن کي باهه لڳڻ بعد فرار ٿي ويل درائيور کي ڪشمور پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ويگن ۾ غير لڳل غيرقانوني گيس سلينڊر سبب باهه ۾ پنج عورتون ۽ ٻارڙا زندهه سڙي فوت ٿي ويا هئا.  پوليس ترجمان موجب ڊکڻ بنگلو ويجهو خفيا اطلاع ملڻ تي ڪشمور پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او ضياد نوناري ۽ ان جي ٽيم ڪاروائي ڪري ويگن ڊرائيور عابد علي سنجراڻي کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو آهي. ٻئي پاسي ويگن حادثي جو هڪ زخمي عبدالمجيد چاچڙ ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

فوتگي جي خبر پوڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي. ويگن حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 6 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو