ڪنڌڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ) ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمور ٽول پلازا وٽ ويگن کي باهه لڳڻ بعد فرار ٿي ويل درائيور کي ڪشمور پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ويگن ۾ غير لڳل غيرقانوني گيس سلينڊر سبب باهه ۾ پنج عورتون ۽ ٻارڙا زندهه سڙي فوت ٿي ويا هئا. پوليس ترجمان موجب ڊکڻ بنگلو ويجهو خفيا اطلاع ملڻ تي ڪشمور پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او ضياد نوناري ۽ ان جي ٽيم ڪاروائي ڪري ويگن ڊرائيور عابد علي سنجراڻي کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو آهي. ٻئي پاسي ويگن حادثي جو هڪ زخمي عبدالمجيد چاچڙ ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

فوتگي جي خبر پوڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي. ويگن حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 6 ٿي ويو آهي.










