ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور پروڊڪشن ڊيزائنر تيتن چندرڪانت ديسائي جو لاش مهاراشٽرا ۾ سندس اسٽوڊيو مان هٿ اچڻ بعد پوليس کي خودڪشي جو شڪ آهي.ڀارتي ميڊيا موجب پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته 58 سالن جي تيتن چندرڪانت ديسائي جو لاش اسٽوڊيو مان لٽڪيل مليو آهي.رپورٽن مطابق تيتن چندرڪانت ديسائي جي موت جي هر حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.ڀارتي ميڊيا موجب هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1987ع ۾ ٽي وي تي اسسٽنٽ آرٽ ڊائريڪٽر طور ڪئي، جڏهن ته بالي ووڊ ۾ هن آرٽ ڊائريڪٽر طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1999ع ۾ سلمان خان جي سپر هٽ فلم ”هم دل دي چکا صنم“ سان ڪئي هئي.ڀارتي ميڊيا موجب سندس ٻين ڪامياب فلمن ۾ ’لگان‘، ’ديوداس‘، ’سواديس‘، ’جوڌا اڪبر‘ ۽ ٻيون شامل آهن.تيتن چندرڪانت ديسائي کي به ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن جن ۾ هندستان جو سول ايوارڊ به شامل آهي.
