باجڪو گروپ جو 4 ملڪن ۾ 99 ڪمپنين ذريعي ڪاروبار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي مشير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوا جي ڀائرن، زال ۽ پٽن جي ملڪيتن بابت نوان تفصيل سامهون آيا آهن. فيڪٽ فوڪس نالي ويب سائيٽ تي صحافي احمد نوراني جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته رٽائرڊ جنرل جي خاندان جون دنيا جي 4 ملڪن ۾ 99 ڪمپنيون، 130 کان مٿي فعال فرينچائيز ۽ ريسٽورنٽ، 13 ڪمرشل جائيدادون جن ۾ آمريڪا ۾ 2 شاپنگ مال به شامل آهن. عاصم سليم باجوا جيڪو هن وقت سيپيڪ جو چيئرمين ۽ وزيراعظم جو اطلاعات بابت مشير آهي تنهن هڪ ٽوئيٽ ذريعي هن رپورٽ کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪيو آهي.

نوراني پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته صادق آباد جي عام گهراڻي سان تعلق رکندڙ عاصم سليم باجوا 1984 ۾ فوج جوائن ڪئي ۽ جيئن جيئن فوج ۾ ترقي ڪندو ويو تيئن تيئن سندس خانداني ڪاروبار به وڌندو ويو. آمريڪا، ڪئناڊا، متحده عرب امارات ۽ پاڪستان ۾ سندن خاندان جو ڪاروبار ڦهليل آهي.

Photo screen grab

احمد نوراني رپورٽ ۾ چيو آهي ته جڏهن عاصم سليم باجوا وزيراعظم جو مشير بڻيو ته هن پنهنجي ۽ گهر ڀاتين جي ملڪيتن ظاهر ڪرڻ وارو قسم نامي سان جيڪو فارم ڀريو ان ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ان کان ٻاهر ڪٿي به سندس يا گهرواري فرخ زيبا جو ڪو به ڪاروبار ناهي.هن پنهنجي زال جي رڳو 31 لک روپين جي سيڙپڪاري جو ذڪر ضرور ڪيو هو. جڏهن ته دستاويزي ثبوتن موجب باجڪو گروپ جي هر ڪمپني ۾ سندس گهرواري برابر جي حصيدار آهي. رپورٽ موجب 2015 ۾ عاصم سليم باجوا جا پٽ به هن ڪاروباري گروپ ۾ حصيدار بڻيا. احمد نوراني رپورٽ ۾ اها به دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروبار کي ريگوليٽ ڪندڙ اداري سيڪورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اِي سي پي) پنهنجي ويب سائيٽ تان باجڪو گروپ جي ڪمپنين بابت معلومات هٽائي ڇڏي آهي، جنهن جا هن وٽ مڪمل ثبوت موجود آهن. رپورٽ مطابق 2002 تائين عاصم سليم باجوا جي ڀائرن سميت خاندان جو ڪو به ڪاروبار موجود نه هو. سندس ڀاءُ جيڪو آمريڪا ۾ هڪ هوٽل تي ڊليوري ڊرائيور هو هاڻي هي سڄو خاندان 4 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي ڪاروبار جو مالڪ آهي. احمد نوراني جو چوڻ آهي ته هن جنرل (ر) عاصم سليم باجوا کان اهو سوال ڪيو ته اوهان ڪاروبار لاءِ سرمايو ڪٿان آندو ته ٽن هفتن جي انتظار بعد به ڪو جواب نه مليو. صحافي جو چوڻ آهي ته مٿس الزام لڳايو ويو ته هو ڀارتي ڳجهي اداري را جو ايجنٽ آهي ۽ ڀارت سيپيڪ تي حملو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو