بابر اعظم کي 23 مارچ تي ستارهه امتياز ڏنو ويندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ٽنهي فارميٽ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي ڪندڙ بابر اعظم کي پاڪستان لاءِ شاندار ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستان جي اعليٰ ترين سول اعزاز سان نوازيو ويندو.23 مارچ خميس تي يوم پاڪستان جي موقعي تي بابر اعظم کي اسٽار اعزاز سان نوازيو ويندو، 28 ورهين جو بابر اهو اعزاز حاصل ڪندڙ سڀ کان ننڍي عمر جو رانديگر هوندو.قومي ٽيم جو ڪپتان 23 مارچ تي تقريب جو حصو ٿيندو.پاڪستان حڪومت گذريل سال 14 آگسٽ تي اعلان ڪيو هو ته بابر کي ستاره امتياز سان نوازيو ويندو ۽ هاڻي تقريب جي تاريخ جي تصديق ڪئي وئي آهي.پاڪستان جو اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد سڀ کان ننڍي عمر وارو پاڪستاني ڪرڪيٽر هو جنهن کي اسٽار ايوارڊ مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو