اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ ڀارتي وزيراعظم مودي وچ ۾ ملاقات کانپوءِ پاڪستانين جون دليون ڏڪي ويون آهن.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستانين جي ڪوشش هميشه دهشتگردي جي خاتمي لاءِ رهي آهي، انساني حقن جو ذڪر نه ڪيو ويو، جاري ڪيل بيان تي افسوس ٿيو.شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم خلاف ڪو به آواز نه اٿاريو آهي، انساني حقن جون تنظيمون خاموش آهن.هن اهو به چيو ته نه مان پيش آهيان ۽ نه ئي ملوث آهيان، ڪيس ايم ڪيو ايم جي بنياد تي ٺاهيو ويو.
