اڳوڻي سفارتڪار جي ڌيءَ قتل، وڏي واپاري جو پٽ گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي سفارتڪار جي 27 سالن جي ڌيءَ کي سندس دوست قتل ڪري ڇڏيو، پوليس عيد رات سندس قاتل کي گرفتار ڪري ورتو. اسلام آباد جي ايف سيون فور ۾ پيش آيل واقعي ۾ قتل ٿيل ڇوڪري جو نالو نور مقادم ٻڌايو پيو وڃي جيڪا شوڪت مقادم جي ڌيءَ آهي. گرفتار ملزم ملڪ جي معروف واپاري جو پٽ آهي. پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ ڪري رهي آهي. ڇوڪري کي گولي به لڳل آهي ۽ تيز آلي سان جهير به ڏنل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو