اڳوڻي آرمي چيف جي فئملي جو ڊيٽا ليڪ ڪيس، ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمرجاويد جي فئملي جو ڊيٽا ليڪ ٿيڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي جمعي تي مئجسٽريٽ عمر شبير ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران ايف بي آر ملازم شهزاد نياز، ارشد علي، عديل اشرف، عدالت ۾ پيش ٿيا عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کي چالان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي عدالت چيو ته چالان جمع رڪايو وڃي ته جيئن ڪيس جو ٽرائيل شروع ٿي سگهي عدالت ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو