اگهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ آرڊيننس پاس ڪيو آهي: مراد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ آرڊيننس پاس ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ مزار قائد تي حاضري ڀرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڏکيائيون آهن پر انشاءَ الله اسان گڏجي انهن مشڪلاتن تي قابو پائينداسين.هن چيو ته اسان کي هن وقت متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد هن ملڪ کي پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان جي حڪومت، پوليس، رينجرز، فوج ۽ انٽيليجنس گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ٻن مذهبي شخصيتن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي جاچ پاڻ ڏسي رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته سڄي سنڌ ۾ بچٽ بازار لڳايا پيا وڃن، صوبي جي هر تعلقي ۽ هر شهر ۾ بچٽ بازارون لڳايون پيا وڃن، ڪهڙو آرڊيننس پاس ڪيو ويو آهي جنهن سان اگهه ڪنٽرول ۾ مدد ملندي.اهو آرڊيننس به سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو