اگر عمران جي جاءِ تي اڪبرِ اعظم به ھجي ھا ته؟ وسعت الله خان

‘اھو تاثر غلط آهي ته ڪورونا وائرس خلاف حڪومتي پاليسي ۾ ڪوئي ڪنفيوزن آهي. ڪنفيوزن صرف حزبِ اختلاف جي صفن اندر آهي جنهن ھن ملڪ کي لُٽي کاڌو ۽ ايندڙ وقت لاءِ به ڏند تکا ڪيو ويٺا آهن. مگر خوش قسمتي سان ھن وقت ملڪ جو صدر ڏندن وارو ڊاڪٽر آهي. جيتري قدر مودي جي ڳالهه آھي ته ھو ھڪ نفسياتي مريض ۽ ھٽلر جو پيروڪار آهي. مگر آمريڪا به نائن اليون کان بعد اسان کان خوب خوب ڪم ورتو بھرحال ٻه مئي تي ايبٽ آباد اندر جنهن طرح اسامه بن لادن کي ماري عرف شھيد ڪيو ويو ان ڏينهن مونکي ذلت جو جيترو احساس ٿيو ايترو ڪڏهن ناهي ٿيو. احساس سان ياد آيو ته اسان جي احساس پروگرام جي دنيا اندر تعريف ٿي رھي آھي. جڏهن ته ڀارت ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي ان جو دنيا کي ڪوئي احساس نٿو ٿئي. مگر مون کي پنهنجي عوام تي پورو ڀروسو آهي.اھي ڏينهن به ھڪ ڏينھن گذري ويندا. مان ڪنهن به ڪرپٽ کي نه ڇڏيندس. بس رڳو گھٻرائڻو ناهي.’

(مٿي ڄاڻايل ڪو ھڪ پيرا ناهي بلڪه ڪيترن ئي ڀاشنن جو ڪچومر آهي. مگر ٿورو الٽ ڦلٽ سان ھر خطاب جي بنيادي ريسيپي اھا آھي. سار ري گا ما پا دھا ني سا، سا ني دھا پا ما گا ري سا، ني دھا سا گا ما ري پا ري پا دھا دھا).

بي پناهه خامين جي دٻاءُ سبب اھا ڪيفيت حڪمران کان فقير تائين، مجذوب کان ننڊ ۾ ڳالهائڻ جي عادي تائين يا چئني پاسن کان بدروح ڏسڻ واري ڪنهن به شخص تي طاري ٿي سگهي ٿي.

مان اعلي عھدن تي فائز شخصيتن جي تيز رفتار موٽر ڪيڊ ۾ سڀ کان آخر ۾ ايمبولينس کي ڊڪندي ڏٺو آهي. مگر مان يقين سان نٿو چئي سگھان ته اسپيچ رائيٽر، زائچا نويس، باورچي، ايلوپيٿڪ ڊاڪٽر کان علاوه ڪوئي فزيوٿراپسٽ ۽ ماھر نفسيات به انھن اعلي عھديدارن جي ذاتي عملي ۾ شامل ٿيندو آهي يا نه.

چيو ويندو آهي ته برصغير ۾ اڪبر اعظم يا اورنگزيب عالمگير پاران پنجاھ پنجاھ سال کان وڌيڪ حڪومت ڪئي ۽ پوري رياستي مشينري کي ھڪ پير تي سڌو ڪري رکيو. مونکي لڳي ٿو ته ايتري طويل حڪمراني پويان تدبر جي طاقت کان وڌيڪ خوش قسمتي ڪارفرما ھئي. ڇا توهان مان ڪنهن کي ياد آهي ته اڪبر اعظم يا اورنگزيب جي دور ۾ ڪيترا سپاھ سالار يا قاضي گذريا ۽ انهن جا نالا ڪھڙا ھئا. ڇا انهن ٻنهي جي درٻار ۾ سمنڊ پار کان ايندڙ ڪنهن بادشاھ گر گوري جو وجود ثابت ٿئي ٿو؟ البته بادشاھ جي نورتنن يا وزيرن جو ذڪر ۽ نالو ضرور عمومي تاريخ ۾ ملندو آهي. مگر انھن نورتنن يا وزيرن جو تقرر به بادشاهه ڪندو ھو، ٻيو ڪو به بادشاھ جي نالي تقرر نه ڪندو هو. رعايا مان ڪنهن به ازخود نوٽيس جو نالو به نه ٻڌو هو. بس ھڪ زنجير انصاف محل جي ٻاھر ٽنگيل رھندي ھئي جنھن سان لٽڪيل گھنٽي ڪوئي به وڄائي سگھندو هو.

اڄ اھائي زنجير ۽ گھنٽي اگر محل جي ٻاهر لٽڪائي ڇڏجي ته ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي پنڊي جي ڪٻاڙ بازار اندر سوَ پنجاھ روپئي ۾  وڪامي چڪو ھجي ھا. ان تناظر ۾ جيڪي ماڻهو وزيراعظم عمران خان تي اٿندي وھندي تنقيد ڪندا آهن ۽ ان جي ھڪ ھڪ لفظ کي پڪڙي جھول ٿي ويندا آهن انهن کي اندازو ئي ناهي ته حڪمران جي ڪرسي ۾ ڪيترا ڪوڪا لڳل هوندا آهن. خان ته پوءِ به اڄ تائين جيئن تيئن ٻه سال گذاري ورتا آهن. اگر پنجاھ سال حڪومت ڪرڻ واري اڪبر اعظم جي نورتنن ۾ مليل ٻه پيادن جي جاءِ تي شھباز گل، بيربل جي جاءِ تي مراد سعيد، عبدالرحيم خان، خانان جي جاءِ تي فيصل واوڊا، جنرل مان سنگهه جي بجاءِ برگيڊيئر اعجاز شاه وغيره ھجن ھا.

اورنگزيب جي مشير سندس صاحبزادي زيب النسا مخفي جي بجاءِ ڪوئي زرتاج گل ھجي ھا ۽ باقي درٻار به انھيء ڪنڊي جو ھجي ھا ته ٻئي عظيم مغل بادشاهه اعصاب کي بي قابو ٿيڻ کان روڪي ڪيترا ئي ڏينهن تخت کي تختو ٿيڻ کان بچائي سگهن ھا. پر عمران خان اگر اڪبر يا اورنگزيب جي پوشاڪ ۾ ھجي ھا ته مغل سلطنت جو ڇا ٿئي ھا؟ ڪجھ به نه ھجي ھا. وڌ کان وڌ ماڻهو اھو ئي چئن ھا ته، جيڪا ﷲ جي مرضي، سندس ڪم ۾ ڪير ٿو مداخلت ڪري سگهي. (وسعت الله خان جو هي اردو ۾ لکيل ڪالم امان الله سومرو سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو آهي).

پهنجو تبصرو موڪليو