اچو سڀ ملي پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪريون: صدر ۽ وزيراعظم

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پوري قوم کي يوم پاڪستان جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اچو سڀ گڏجي پاڪستان جي لاءِ جدوجهد ڪريون.صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته آزادي کان وٺي هينئر تائين جي سفر ۾ اسان مختلف شعبن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون. فوج، سول انتظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سلامتي ۽ خود مختياري کي يقيني بنايو. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سندن فاتحانه ڪردار رهيو.صدر وڌيڪ چيو ته اڄ پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي آزادي لاءِ بي مثال قربانين کي به مڃون ٿا پاڪستان کي اسرائيلي فورسز طرفان معصوم فلسطينين جي انڌاڌنڌ قتل، تعليمي اداررن ۽ اسپتالن تي لاڳيتو حملن تي گهري ڳڻتي آهي. پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحد موجب القدس شريف ۾ گادي واري شهر تي ٻڌل هڪ آزاد ۽ پائيدار رياست جو حامي آهي.وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عوام 8 فيبروري جي چونڊن ۾ پنهنجن نمائندن کي چونڊ ڪيو. مهانگائي، بيروزگاري، قرض، مالياتي ۽ واپاري خساري کان آگاهه آهيون. ملڪ جي معاشي بحالي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته اهڙن قدمن سان اسان مهانگائي جي موجوده لهر تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين اهو نه وسارڻ گهرجي ته اڄوڪا ڪيل فيصلا ايندڙ نسلن جي مستقبل جي چونڊ ڪندا. اچو سڀ گڏجي هڪ اهڙي پاڪستان جي لاءِ جدوجهد ڪريون جيڪو مذهبي، نسلي ۽ سياسي وڇوٽين کان پاڪ هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو